پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گاديءَ واري شهر پشاور ۾ صدر جي علائقي ڪوهاٽ روڊ تي واقع ايف سي هيڊڪوارٽر تي صبح سوير آپگھاتي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب صبح 8:11 تي هيڊڪوارٽر جي مرڪزي دروازي تي لڳل ڪيمرا ۾ رڪارڊ ٿيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ صاف ڏٺو ويو ته هڪ دهشتگرد گيٽ تي ڌماڪو ڪيو، جنهن کان پوءِ جاءِ واقعي واري ھنڌ تي ڀاڄ پئجي وئي. ان کان پوءِ ٻيا ٻه دهشتگرد اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فورسز جي بروقت ۽ جراتمنداڻي ڪارروائي سان حملو ناڪام بڻايو ويو.
آپريشن دوران 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. طبي ذريعن موجب 11 زخمي، جن ۾ اهلڪار ۽ عام شهري شامل آهن، کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي.
واقعي کان پوءِ پوليس، ايليٽ فورس ۽ ٻين ادارن جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي ۽ ڪينٽ روڊ سميت ڀرپاسي جا رستا عوام ۽ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا. سي سي پي او ميان سعيد پاڻ آپريشن جي نگراني ڪئي، جڏهن ته شهر ۾ بي آر ٽي سروس عارضي طور بند ڪئي وئي.
ريسڪيو 1122 موجب 6 ايمبولينسون، فائر ۽ ڊيزاسٽر گاڏيون ۽ 50 کان وڌيڪ اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا. آءِ جي خيبر پختونخوا چيو ته حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد پنهنجي انجام تي پهچي ويا آهن ۽ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزير داخلہ محسن نقوي واقعي جي سخت مذمت ڪئي. صدر زرداري شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته فورسز جي بروقت ڪارروائي سان وڏو نقصان ٿيڻ کان بچايو ويو. وفاقي گھرو وزير محسن نقوي به ايف سي جي بهادر جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

