پشاور (نمائندو خصوصي) پشاور جي ماڙي ٿاڻي جي حدن ۾ قمر دين چوڪ ويجهو پوليس موبائل کي آءِ اي ڊي ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔
سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد احمد موجب، پوليس موبائل معمول جي گشت تي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿيو۔ زخمين ۾ اي ايس آءِ شاهه فيصل، ڪانسٽيبل سجاد، نور الله ۽ ڊرائيور ضياء شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن ڪانسٽيبل سجاد جي حالت کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو آهي۔
ڌماڪي ۾ عام شهرين مان به 5 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ ٻن ڀائرن حمزه (20 سال) ۽ عمر حمزه (15 سال) سميت جهانگير (30 سال)، دريا خان (50 سال) ۽ ظاهر جان (70 سال) شامل آهن۔
پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي شواهد گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو۔
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

