ارومچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٽي اهم مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون، زرعي جدت ۽ عوامي تحفظ کي ھٿي ڏيڻ آهي.
صدر آصف علي زرداري جي چين جي دوري دوران صحي ٿيل معاھدن جي يادداشتن ۾ مال جي صنعت ۾ جدت، پاڪستان ۾ هڪ جديد ٽيڪسٽائل صنعتي پارڪ جو قيام ۽ فائر ٽرڪن ۽ ايمرجنسي سامان جي فراهمي شامل آهن.
صدر آصف علي زرداري ان موقعي تي چيو ته اهي مفاهمت جوم يادداشتون خوراڪ جي حفاظت، صنعتي ترقي، برآمدات ۾ واڌ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي صلاحيت کي بهتر بڻائينديون.
هن چيو ته مال مويشي جي شعبي جي بهتري سان ٻهراڙي وارن علائقن ۾ روزگار جا موقعا وڌندا، جڏهن ته هڪ جديد ٽيڪسٽائل پارڪ جي قيام سان برآمدات ۽ صنعتي ترقي کي هڪ نئون طول و عرض ملندو، فائر ٽرڪن ۽ جديد ايمرجنسي سامان جي فراهمي سان عوامي حفاظت ۽ بچاءُ جي ڪارروائين کي مضبوط بڻايو ويندو.
تقريب ۾ چين ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شرڪت ڪئي. بعد ۾، صدر آصف علي زرداري ارومچي کان ڪاشغر لاءِ روانو ٿيو. سنڪيانگ جي ڊپٽي گورنر صدر آصف علي زرداري کي الوداع ڪيو. ان موقعي تي چيني ۽ پاڪستاني عملدار پڻ موجود هئا.

