چگندو(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام ۽ تعاون جو ھڪ لازوال مثال آھي.
ٻئين گولڊن پانڊا انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري فنون لطيفھ، ثقافتي تعاون ۽ پاڪستان – چين لاڳاپن تي روشني وڌي.
صدر زرداري ايوارڊ کٽيندڙ آرٽسٽن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تھ فنڪارن جون تخليقي صلاحيتون سرحدن جي قيد کان آزاد ٿي ماڻھن کي متحد ڪن ٿيون، سچوان صوبي ۾ پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ وزير پبلسٽي ڊيپارٽمينٽ لي شو لي جي مھمان نوازي تي شڪريو ادا ڪريان ٿو.
آصف علي زرداري وڌيڪ چيو تھ پاڪستان چين ”تھذيب جي وي وٺ ۽ گڏيل سکڻ” جي وزن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، چين جي عالمي قدمن جي ڊي آئي، جي ايس آئي ۽ جي جي آئي قدم پائيدار ترقي، علاقائي استحڪام ۽ عالمي ادارن جي شموليت کي ھٿي ڏين ٿا، صدر چيو تھ جي جي آئي ثقافتي برابري ۽ عوامي ڏي وٺ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو، فن ھڪ عالمي زبان آھي جيڪا ويڇن کي ختم ڪري ٿو جڏھن تھ پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام ۽ تعاون جو ھڪ لازوال مثال آھي، ثقاافت امن، خوشحالي ۽ گڏيل مستقبل لاءِ ھڪ اھم پل آھي.

