اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو تسليم نه ڪرڻ ۽ پاڻي روڪڻ جا قدم سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿا۔
صدر گڏيل قومن جي تحقيقاتي رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ مئي ۾ پاڪستان تي ڀارت جي حملي بابت گہري تشويش ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ ڀارتي قدم عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن۔
صدر زرداري جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي ماهرن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪري ٿي، پاڪستان ڀارتي حملي کي يو اين منشور جي ڀڃڪڙي ۽ پنهنجي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو آهي۔ رپورٽ ۾ شهري هلاڪتن، رهائشي ۽ مذهبي ماڳن کي نقصان پهچڻ جو ذڪر به ڪيو ويو آهي۔
صدر چيو ته گڏيل قومن جي ماهرن رپورٽ ۾ ڀارتي جارحيت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي۔ سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي ذميواري ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ٿنڀ آهي، ڀارت پاران معاهدو نه مڃڻ ۽ پاڻي روڪڻ جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا۔
صدر زرداري رپورٽ ۾ ڀارت جي هڪ هٽي، جارحاڻن بيانن ۽ جاني نقصان کي اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماهرن جي تعريف ڪئي۔

