ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت گجرات جي علائقي ڪڇ ۾ پاڪستاني سرحد جي ويجهو وڏي پيماني تي هوائي مشقن جو اعلان ڪيو آهي۔ ان مقصد لاءِ 20 کان 21 جنوري تائين مخصوص فضائي حدون عالمي اُڏامن لاءِ بند ڪيون ويون آهن۔
ڀارتي فضائيه جا جديد جنگي جهاز، جن ۾ رافيل، سخوئي 30 ۽ جيگوار شامل آهن، مشقن ۾ حصو وٺندا۔ رپورٽن موجب تيز رفتار پروازون، فضائي جنگي تربيت ۽ ممڪن طور لائيو فائرنگ به ڪئي ويندي۔
مشقن لاءِ چونڊيل فضائي زون پاڪستان سان ڀارت جي ڏکڻ سرحد جي حساس علائقن تي مشتمل آهي، جن ۾ بحيره عرب، سر ڪريڪ، راجڪوٽ ۽ احمد آباد جا ويجها علائقا شامل آهن۔ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اهڙا قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهن ٿا، جڏهن ته صورتحال تي لاڳاپيل ادارا ويجهي نظر رکي رهيا آهن.

