سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان جو موقف درست، ڀارت جي هڪ هٽي قرار

Homeاهم خبرسنڌ طاس معاهدي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽيورز ۽ خاص ماهرن هڪ جامع رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان جي موقف ۽ بيانيي جي پوري تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڀارت جي طرفان معاهدي کي “Held in Abeyance” رکڻ واري اعلان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ان کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. 

رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ يا ان جي ڌمڪي پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهن جي بنيادي انساني حقن تي سڌو اثر وجهي سگهي ٿي. پاڻي، خوراڪ، روزگار، صحت، ماحول ۽ ترقي جهڙا بنيادي حق هن فيصلي سان خطري ۾ اچي وڃن ٿا. ماهرن زور ڏنو ته سرحد پار پاڻي جي حق ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي ۽ پاڻي کي سياسي يا معاشي دٻاءَ جي اوزار طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي.

گڏيل قومن جي ماهرن چيو ته ڪابه ڌر هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي، اهو معاهدو تڏهن تائين لاڳو رهندو جيستائين ٻنهي حڪومتن جي گڏيل رضامندي سان نئون معاهدو نه ٿئي. ڀارت جي اصطلاح “Held in Abeyance” کي مبهم قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ڀارت معاهدي کي معطل ڪرڻ لاءِ معاهدي جي قانوني قلمن کي صحيح نموني استعمال نه ڪيو. رپورٽ ۾ معاهدي جي طئي ٿيل طريقيڪار کي بائي پاس ڪرڻ کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو.

ماهرن وڌيڪ چيو ته تڪرارن جو حل سنڌ طاس معاهدي ۾ درج تصفيه جاتي طريقه ڪار تحت ٿيڻ گهرجي. ڀارت جو موقف ته “Material Breach” يا مبينه “سرحد پار دهشتگردي” جي بنياد تي معاهدي جي خلاف ورزي ٿي آهي، قانوني طور ڪمزور ۽ غيرمتعلق آهي، ڇو ته پاڪستان طرفان معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ثابت نه ٿي سگهي.

رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته “بنيادي حالتن جي تبديلي” جي دليل لاءِ سخت قانوني معيار گهربل آهي، جنهن لاءِ صرف آبادي يا توانائي جون ضرورتون ڪافي ناهن. ساڳئي وقت ڀارت طرفان “Countermeasures” جي جواز لاءِ به قابلِ اعتبار ثبوت پيش نه ڪيا ويا، جڏهن ته پاڻي روڪڻ يا معاهدو معطل ڪرڻ هڪ غيرمتناسب قدم آهي، جنهن جو بار سڌو سنئون عام پاڪستاني شهرين تي پوي ٿو.

اقوام متحده جي ماهرن چيو ته “Countermeasures” انساني حقن سان لاڳاپيل ذميوارين کان آجا نٿا ٿين ۽ انهن لاءِ نوٽيس، ڳالهين جي آڇ ۽ قانوني طريقيڪار جي پوري ڪرڻ ضروري آهي. اهڙا قدم صرف عارضي ۽ واپس وٺڻ جهڙا هوندا آهن، مستقل معطلي يا خاتمي جو جواز نٿا بڻجي سگهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي،...

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي ۽ ڀارت جنهن زبان ۾...

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت گجرات جي علائقي ڪڇ ۾ پاڪستاني سرحد جي ويجهو وڏي پيماني تي هوائي مشقن جو...

ڀارت پاران معاهدو نه مڃڻ...

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو تسليم نه ڪرڻ ۽ پاڻي...

ڀارت جو آپريشن سندور غيرقانوني...

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي خاص ماهرن هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مئي 2025 دوران...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});