نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي خاص ماهرن هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مئي 2025 دوران ٿيل فوجي ڪارروائين ۽ پاڪ – ڀارت تڪرار بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ڪارروائي تي سخت قانوني اعتراض اٿاريا ويا آهن ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته ڀارت جو “آپريشن سندور” گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي.
ماهرن پهلگام حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ذميوارن کي قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان هن حملي ۾ ملوث هجڻ جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ غيرجانبدار، شفاف ۽ عالمي جاچ جو مطالبو ڪيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته 7 مئي 2025 تي ڀارت پاڪستان جي حدن اندر فوجي طاقت استعمال ڪئي، جيڪا اقوام متحده چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي خلاف ورزي آهي، ڇو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل کي وقت تي اطلاع نه ڏني. ان دوران شهري علائقا متاثر ٿيا، مسجدن کي نقصان پهتو ۽ ڪيترائي شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا.
ماهرن خبردار ڪيو ته اهڙا قدم انساني حقِ زندگي جي ڀڃڪڙي ۾ اچن ٿا ۽ خطي ۾ وڏي فوجي تڪرار جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته ڀارت پاڪستان جي رياستي سطح تي شموليت جا قابلِ اعتبار ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اقوام متحده جي ماهرن چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ڪارروائي کي “هٿياربند حملو” تصور ڪيو وڃي ته پاڪستان کي دفاع جو حق حاصل ٿيندو.
رپورٽ ۾ ڀارت جي قدمن کي پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جي اصولن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو ويو.
هي رپورٽ نه رڳو ڀارت جي هٽ دهرمي ۽ ڪوڙن دعوائن کي بي نقاب ڪري ٿي، پر خطي ۾ امن ۽ انساني حقن بابت عالمي خدشن کي به اجاگر ڪري ٿي.

