پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، ڀارت جنهن زبان ۾ ڳالهائيندو، ساڳي زبان ۾ جواب ملندو: وزيراعظم

HomeFeatured Newsپاڪستان ڪشميرين سان...

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي ۽ ڀارت جنهن زبان ۾ ڳالهائيندو، پاڪستان ساڳي زبان ۾ جواب ڏيندو. مظفرآباد ۾ ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد جمون و ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت کي اهڙي تاريخي شڪست ڏني وئي، جيڪا هو نسلن تائين ياد رکندو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ڪشميري عوام سان مڪمل همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڪشمير آيا آهن. پاڪستان هر سطح تي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان جو حوالو ڏيندي چيو ته “ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي” ۽ ڪشميري عوام روزانو دنيا کي پنهنجي جدوجهد جي سچائي ڏيکاري رهيا آهن.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪنهن به جماعت جي حڪومت هجي، وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته تعاون ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، تحريڪِ آزاديءَ جي شهيدن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان دهشتگردي ۽ پراڪسي سرگرميون جاري آهن، پر ڀارت جنهن محاذ تي به جارحيت ڪندو، ان کي ساڳي محاذ تي يادگار جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته معرڪه حق ۾ ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملي ويو ۽ سفارتي سطح تي به ڀارت ناڪام ٿي چڪو آهي.

وزيراعظم وضاحت ڪئي ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي ڪاميابي اصل ۾ ڪشميري عوام جي به فتح آهي، جنهن سان ڪشمير ڪاز ٻيهر عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي. هن زور ڏنو ته ڀارت لاءِ واحد رستو اهو آهي ته هو ڪشميرين کي سندن حقِ خوداراديت ڏئي ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪري.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پر امن صرف برابري ۽ انصاف جي بنياد تي قائم ٿي سگهي ٿو. هن قومي اتحاد ۽ اتفاق تي زور ڏيندي چيو ته دشمن جا عزائم ناڪام بڻائڻ لازمي آهي. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير بابت پاڪستان جي اصولي موقف کي به ورجايو ۽ غزه ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو ذڪر ڪيو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت گجرات جي علائقي ڪڇ ۾ پاڪستاني سرحد جي ويجهو وڏي پيماني تي هوائي مشقن جو...

ڀارت پاران معاهدو نه مڃڻ...

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو تسليم نه ڪرڻ ۽ پاڻي...

سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽيورز ۽ خاص ماهرن هڪ جامع رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾...

ڀارت جو آپريشن سندور غيرقانوني...

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي خاص ماهرن هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مئي 2025 دوران...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});