سپر هاءِ وي جي زمين جو تڪرار: سنڌ حڪومت اين ايڇ اي کي قيمت کانسواءِ زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Homeاهم خبرسپر هاءِ وي...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  ايم 9 سپر هاءِ وي زمين جي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي.

اين ايڇ اي ايم 9 سپر هاءِ وي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت زمين ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي زمين جي تڪرار تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن تي عدالت معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو.

چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ڪميٽي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جڏهن ته اين ايڇ اي چيئرمين زمين جي منتقلي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکيو.

ايم 9 سپر هاءِ وي کي 4 کان 6 لين تائين وڌائڻ جون تياريون آخري مرحلن ۾ آهن ۽ ان سلسلي ۾ ملائيشيا جي ڪمپني سان معاهدو وڌايو پيو وڃي.

سنڌ حڪومت 2012 ۾ زمين جي الاٽمينٽ کي قيمت جي ادائيگي سان مشروط ڪيو هو، جڏهن ته سرڪاري رپورٽ موجب، اين ايڇ اي وٽ زمين جي ادائيگي لاءِ فنڊ نه آهن.

ايم 9 سپر هاءِ وي کي ملير ۾ 1347 ايڪڙ، ڄامشورو ۾ 4954 ۽ ٺٽي ۾ 1340 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر آف لينڊ رڪارڊ جي رپورٽ سپر هاءِ وي رڪارڊ ۾ 264 فوٽ ويڪر ڏيکاري ٿي. اين ايڇ اي سپر هاءِ وي جي ويڪر کي 640 فوٽ تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي.

سرڪاري دستاويزن موجب، سپر هاءِ وي 152 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، اين ايڇ اي صرف 136 ڪلوميٽر لاءِ درخواست ڏني هئي، جڏهن ته، اين ايڇ اي اوڀر ڪراچي ضلعي لاءِ ڪا به درخواست جمع نه ڪرائي.

سنڌ حڪومت 2017 ۾ زمين جي الاٽمينٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته زمين جي تڪرار کي 30 ڏينهن اندر حل ڪيو وڃي. عدالت تڪراري زمين جو گڏيل سروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ حڪومت پاران گل پلازا...

ڪراچي: حڪومت سنڌ گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان...

عورتن کي مفت اليڪٽرڪ گلابي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت گلابي اسڪوٽر پروگرام تحت عورتن کي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽر فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو...

وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪڻڪ ٻاھران نھ...

جماعت اسلامي کي صرف پنهنجو...

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ شڪايتون انهن ٽائونن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});