ڪراچي: حڪومت سنڌ گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، گل پلازا ۾ رات ساڍا ڏهه وڳي جي لڳ ڀڳ باهه لڳي، جنهن جا سبب اڃا تائين حتمي طور تي سامهون نه آيا آهن، امڪان آهي ته شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي هجي.
وڏي وزير ٻڌايو ته گل پلازه ۾ باهه جو 10 سيڪڙو حصو اڃا تائين باقي آهي ۽ عمارت اندر وڃڻ جا رستا بند آهن. هن چيو ته فائر سيفٽي آڊٽ 2024 تي فوري عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 145 عمارتن جو جائزو ورتو ويو هو. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته واپاري اڳواڻ پنهنجو حصو ۽ حڪومت پنهنجو حصو ادا ڪندي، سانحي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي ڪراچي ڪميٽي جي مدد ڪندو ۽ فارنزڪ ليبارٽري لاهور کان به مدد طلب ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير چيو ته هي انڪوائري ڪنهن تي الزام لڳائڻ لاءِ نه پر پنهنجون غلطيون درست ڪرڻ لاءِ آهي، جيڪڏهن تخريبڪاري جا ثبوت مليا ته ڪارروائي ضرور ٿيندي. هن چيو ته ذميوارن کي سزا ڏني ويندي پر ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻايو ويندو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته 24 فائر بريگيڊ، 10 بوزر ۽ 4 اسنارڪل باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته 200 فائرفائٽرز آپريشن ۾ شامل هئا.
ان کان اڳ وزيراعليٰ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، ميئر ڪراچي، واپاري اڳواڻ ۽ انتظاميا جا عملدار شامل هئا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گل پلازه مان 14 لاش نڪتا آهن ۽ امڪان آهي ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هجن. وڏي وزير چيو ته گل پلازا ۾ 1200 دڪانون هيون، جن جا سڀ دڪاندار متاثر ٿيا آهن، حڪومت انهن جي بحالي لاءِ قدم کڻندي ۽ عمارت ٻيهر تعمير ڪئي ويندي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شهيد فائرفائٽر جي خاندان کي به معاوضو ڏنو ويندو، جڏهن ته متاثرن جي بحالي ۽ معاوضي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وزير بلديات ناصر شاهه، وزير محنت سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر ڪراچي شامل آهن. هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي قيادت به متاثرن جي فوري بحالي لاءِ زور ڏئي رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته فائر فائٽنگ ۽ حفاظتي قدمن جو جامع پلان تيار ڪيو ويندو ۽ جن عمارتن ۾ ايمرجنسي رستا ۽ فائر الارم نه آهن، انهن کي لازمي بڻايو ويندو.

