ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيـف آزاد خان چيو آهي ته گل پلازه سانحي جي شروعاتي جاچ ۾ تخريبڪاري جون ڪي به شاهديون ناهن مليون. پلازه جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن ۾ 14 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 18 زخمي ۽ لڳ ڀڳ 59 کان 60 ماڻهو گم آهن.
آزاد خان موجب اسپتال ۾ هاڻي ڪو به زخمي علاج هيٺ ناهي. انتظاميا طرفان رپورٽ ملي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت ثابت ٿي ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس چيـف وڌيڪ چيو ته ريسڪيو آپريشن احتياط سان جاري آهي، پر ان جي مڪمل ٿيڻ جو وقت ٻڌائڻ ممڪن ناهي.

