اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس 2026 ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم 19 کان 23 جنوري 2026 تائين ڊيووس جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي، جتي هو عالمي اقتصادي ۽ سفارتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو.
وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي احد چيمه، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل آهن.
دورانيي ۾ وزيراعظم مختلف ملڪن جي سربراهنِ ۽ عالمي تنظيمَن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، جتي ٻه طرفن جي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون بابت ڳالهيون ٿينديون.
هن دوري جو اهم حصو بزنس رائونڊ ٽيبل آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم گڏيل طور تي منعقد ڪري رهيا آهن. ان ۾ عالمي سطح تي نمايان ڪمپنين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جيڪي پاڪستان ۾ نون سيڙپڪاري موقعن جي ڳولا يا موجوده سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

