ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسي چيو آهي ته گل پلازه جي عمارت جي کاٻي پاسي وڌيڪ لاش هجڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ رستو ٺاهڻ بعد ٽيمون اندر موڪليون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله ڪري اسان کي رستو ملي وڃي.
گل پلازه جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي ٻڌايو ته صبح ٽئين ۽ چوٿين منزل تي ريسڪيو اهلڪار موڪليا ويا ۽ تفصيلي سروي ڪئي وئي، پر ڪا لاش نه ملي. هن چيو ته باهه لڳڻ بعد 15 کان 20 منٽن اندر ٽن هنڌن کان اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر باهه جي شدت سبب ويجهو وڃڻ ممڪن نه هو. ايم اي جناح روڊ کان ريسڪيو اهلڪار داخل ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن کي بچايو، جڏهن ته ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿيا.
ڊي سي وضاحت ڪئي ته جتي جتي کان داخل ٿيڻ ممڪن هو، اتي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جتي ريسڪيو ممڪن هو، اتي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هن ٻڌايو ته چار پوائنٽن جي نشاندهي ڪري هولز ٺاهيا ويا ۽ اهلڪار اندر موڪليا ويا، پر باهه جي شدت سبب گهڻو اندر وڃڻ ممڪن نه ٿيو.
جاويد نبي کوسو چيو ته عمارت جو 40 سيڪڙو حصو اڳ ئي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ايس بي سي اي جي ماهرن جي معائني مطابق باقي حصا به انتهائي ڪمزور آهن. هن واپارين کي اپيل ڪئي ته تعاون ڪن ۽ ريڊ زون کان پري رهن.
ڊي سي ٻڌايو ته عمارت اندر سرچنگ ڪئي ويندي. لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ 83 نالا شامل آهن، پر ڪجهه نالا ٻيهر لکجڻ سبب اصل ۾ 75 ماڻهن جي لاپتا هجڻ جي تصديق آهي، جن مان 39 ماڻهن جي لوڪيشن گل پلازه سان ڳنڍيل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايس بي سي اي جي ڊيمولش ٽيم موجود آهي، جيڪا وقت بوقت آپريشن بابت هدايتون ڏئي رهي آهي. ڇت تي موجود گاڏيون لاهي مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه موٽر سائيڪلون به لاهڻ جو عمل جاري آهي.

