دبئي: آچر تي پاڪستان-ڀارت ميچ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رانديگرن بيٽنگ ۾ پنهنجي ناڪامي جو کليل اعتراف ڪيو.
ذريعن موجب، قومي ٽيم جي اجلاس ۾ هر رانديگر پنهنجا خيال ظاهر ڪيا ۽ رانديگرن بيٽنگ ۾ پنهنجي ناڪامي جو کليل اعتراف ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن تسليم ڪيو ته اسٽرائڪ کي روٽيٽ ڪرڻ ضروري هو، جڏهن ته بالرن تسليم ڪيو ته حالتون بيٽسمين لاءِ ٿوريون مشڪل هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن ٽيم انتظاميا کي يقين ڏياريو ته اهي سپر فور مرحلي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا، جڏهن ته ڪوچ مائيڪ هيسن ٽيم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ٽن مان ٻه ميچ کٽيا جڏهن ته ان کي ڀارت خلاف شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، قومي بيٽسمين ٽورنامينٽ دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

