ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي معروف اداڪارا ديپيڪا پڊوڪون کي فلم ‘ڪالڪي 2898 اي ڊي’ جي سيڪوئل مان ڪڍيو ويو آهي.
پروڊڪشن هائوس وجيانتي موويز سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته انهن جي ڊگهي عرصي جي تعاون جي باوجود، اهي ديپيڪا پڊوڪون سان مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
پروڊڪشن هائوس پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته دپيڪا پنهنجي ايندڙ فلم ‘ڪلڪي 2898 اي ڊي’ جي سيڪوئل ۾ نظر نه ايندي ۽ انهن اهو فيصلو باهمي رضامندي سان ڪيو.
هن خبر جي سامهون اچڻ کان پوءِ، هندستاني ميڊيا چيو ته دپيڪا کي فلم مان ڪڍيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي فيس ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو هو، ان کان علاوه هن پنهنجي 25 ميمبرن جي ٽيم لاءِ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خرچن جي ادائيگي جو به مطالبو ڪيو هو.
هندستاني ميڊيا موجب، انهن مطالبن کي پروڊڪشن هائوس لاءِ اضافي مالي بار سمجهيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پروڊڪشن ٽيم هن سان ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪيو.
رپورٽن موجب، اهو پهريون ڀيرو ناهي ته دپيڪا کي سندس مطالبن جي ڪري ڪنهن فلم مان ڪڍيو ويو آهي. ان کان اڳ، هن ڊائريڪٽر سنديپ ريڊي وانگا جي فلم ‘اسپرٽ’ سان به ساڳئي مطالبن جي ڪري الڳ ٿي چڪي هئي.
ياد رهي ته ‘ڪلڪي 2898 اي ڊي’ جو پهريون حصو گذريل سال رليز ٿيو هو.

