نئين دهلي(شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون کي ڀارت جي وزارتِ صحت ۽ خانداني ڀلائي طرفان ملڪ جي پهرين ذهني صحت ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويو آهي. هي اعزاز ذهني صحت جي شعور، واڌاري ۽ قومي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي مقصد سان ڏنو ويو آهي.
ديپيڪا پڊوڪون پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوءَ هن ذميواري کي هڪ اهم قومي فريضو سمجهي ٿي ۽ ذهني صحت بابت جاري ڪوششن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي ذميواري دوران ذهني بيمارين بابت معاشري ۾ موجود غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ تي خاص ڌيان ڏيندي، ته جيئن ماڻهو آزادانه طور تي هن موضوع تي ڳالهائي سگهن.
ديپيڪا پڊوڪون اڳ به ذهني صحت جي شعبي ۾ سرگرم رهي آهي، ۽ هن جو هي نئون ڪردار ذهني صحت جي حوالي سان قومي سطح تي اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.

