ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام استعمال نه ڪرڻ غفلت جي برابر هوندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثرين کي مدد فراهم ڪرڻ جو تيز ترين ۽ اثرائتو ذريعو آهي.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رياست جو هڪ ادارو آهي جنهن وٽ متاثرين جو ڊيٽا ۽ انهن تائين رسائي جي صلاحيت آهي، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام استعمال نه ڪرڻ غفلت جي برابر هوندو.

