ڪهڙي ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي ۽ ڪيئن؟

Homeخبرونڪهڙي ٽيم ايشيا...

دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان جي سريلنڪا خلاف 5 وڪيٽن تان ڪاميابي کان پوءِ هاڻي سپر فور مرحلي ۾ چئني ٽيمن جي فائنل ۾ پهچڻ جو امڪان موجود آهي.
سپر فوپر مرحلي مان ٽاپ ٻه ٽيمون فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جتي هر ٽيم کي ٽي، ٽي ميچون کيڏڻيون آهن.
پوائنٽس ٽيبل موجب، ڀارت هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي آهي، پاڪستان ٻن مان هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلاديش هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
سريلنڪا ٻئي ميچون هارائڻ کانپوءِ چوٿين يعني آخري پوزيشن تي آهي.
بنگلاديش ڪيئن فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو؟
بنگلاديش سپر فور افتتاحي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن سان شڪست ڏني، ان جو نيٽ رن ريٽ 0.121 آهي. جيڪڏهن هو اڄ ڀارت کي شڪست ڏئي ٿو ته ان فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
پر حتمي فيصلو جمعي تي ڀارت ۽ سريلنڪا ميچ کانپوءِ نيٽ رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو.
جيڪڏهن بنگلاديش ڀارت کان هارائي ويو ته پوءِ پاڪستان خلاف ميچ سيمي فائنل جي صورت اختيار ڪري ويندي، جتان فاتح ٽيم فائنل ۾ ڀارت خلاف کيڏندي.
ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جو روڊ ميپ
ڀارت هن وقت تائين ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست ٽيم آهي، جنهن پاڪستان کي وڏي مارجن تان هارائي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ان جو نيٽ رن ريٽ 0.689 آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن ڀارت اڄ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٿو ته سڌي ريت فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪري ويندو ۽ پوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش واري ميچ مان جيڪو فاتح ٿيندو اِهو فائنل ۾ ان سان مقابلو ڪندو
پاڪستان کي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو ؟
پاڪستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ واپسي ڪئي آهي ۽ هن وقت 2 پوائنٽن ۽ 0.226 نيٽ رن ريٽ سان ٻئي نمبر تي آهي.
پاڪستان لاءِ بهترين صورتحال اِها آهي ته اڄ ڀارت بنگلاديش کي هارائي ۽ پوءِ پاڪستان کي پاڻ به خميس تي بنگلاديش خلاف فتح حاصل ڪري ته جيئن ڀارت سان گڏ 28 سيپٽمبر تي فائنل کيڏي سگهي.
سريلنڪا جي فائنل ۾ پهچڻ جا به امڪان موجود آهن
ڇهه ڀيرا ايشين چيمپيئن رهندڙ سريلنڪا سڀ کان ڏُکي پوزيشن ۾ آهي.
سريلنڪا جو امڪان ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي کي وڏي مارجن تان هارائي.
ان کانپوءِ سريلنڪا آخري ميچ ۾ ڀارت کي به وڏي فرق سان شڪست ڏيڻي پوندي.
اهڙي صورتحال ۾ ڀارت، پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٻه، ٻه پوائنٽون هونديون، جنهن کانپوءِ نيٽ رن ريٽ فائنل جي فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پر جيڪڏهن ڀارت اڄ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٿو ته سريلنڪا جا فائنل ۾ پهچڻ جا هڙئي امڪان ختم ٿي ويندا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايشيا ڪپ: پاڪستان-ڀارت فائنل، ڪپتان...

ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت اڄ فائنل ۾ هڪ...

ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت فائنل، فردوس...

ايشيا ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ فائنل ۾ هڪ...

ايشيا ڪپ جي فائنل ۾...

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڪاميابي لاءِ هڪ...

ايشيا ڪپ: سپر فور مرحلي...

ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي آخري ميچ ۾ اڄ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ ٻئي سان...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});