سنڌ جي ساڃاه وندن 27هين آئيني ترميم کي سنڌ جي وحدت تي وار قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو

Homeاهم خبرسنڌ جي ساڃاه...

حيدرآباد (رپورٽ نجيب قريشي) سنڌ جي وطن دوست

۽ قومپرست سياسيڌرين، اديبن، شاعرن، وڪيلن، صحافين، ليکڪن 27هين آئيني ترميم کي سنڌ جي وحدت تي وار قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شريڪ سنڌ جي وطن دوست ۽ قومپرست سياسي ڌرين، وڪيلن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن گڏيل پڌرنامو جاري ڪندي امڪاني 27هين ترميم ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏني، سنڌ جي وحدت تي وار خلاف سنڌي قوم هڪ آواز آهي، سنڌو درياهه، سنڌ جي وحدت ۽ زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ ۽ وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نور نبي راهوجي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري اصغر قريشي، ناليواري اديب جامي چانڊيو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ امداد چانڊيو، سپريم ڪورٽ جي وڪيل اشرف سمون، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، سماجي اڳواڻ نور بالادي، حيدرآباد بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، شفيع مرگهر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، اديب فهيم نوناري، ناول نگار، اديب منير چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنه راهوجو، سڀاني ڏاهري، پرهه سومرو،  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر علي نواز ڏاهري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري پرهه ملاح، ايڊووڪيٽ نويد جروار، مير ٽڳڙ، شاعر مور ساگر، نور نبي پليجي ۽ ٻين اڳواڻن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جيڪڏهن 27هين ترميم پاس ٿي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ اچي ويندو، 27هين ترميم ذريعي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهيو پيو وڃي، نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ هي ترميم ڪئي پئي وڃي، بلاول زرداري اقتدار جي لالچ ۾ ايوب کهڙي جيان سنڌي قوم سان غداري ڪري رهيو آهي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙ حڪومت جي پيپلز پارٽي اتحادي آهي، پيپلز پارٽي هميشه اقتدار جي لالچ ۾ آمرن ۽ جابرن جو ساٿ ڏنو آهي، 71ع ۾ به پيپلز پارٽي عوام بدران آمرن سان گڏ بيٺي ۽ ملڪ ٽوڙائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اڄ وري پيپلز پارٽي سنڌ تي حملو ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ به پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سهڪار ڪري عدليا کي مفلوج بڻايو ۽ وري 27هين ترميم لاءِ به پيپلز پارٽي جو راضپو ڌسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جو ورهاڱو برداشت نه ڪندي. پيڪا ايڪٽ کي اظهار جي آزادي ڦرڻ جي سازش قرار ڏيندي هن چيو ته پيڪا ايڪٽ صحافت کي قيد ڪرڻ سان گڏ اديبن، شاعرن، ليکڪن، هارين ۽ مزدورن جو آواز دٻائڻ جي سازش آهي، ميڊيا کي ته حڪومت مڪمل طور قيد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررزم ترميمي بل وسيلي عوام کان به اظهار راءِ جي آزادي ڦري وئي آهي. هن چيو ته اينٽي ٽيررزم ايڪٽ ترميمي بل انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، فاشسٽ حڪمراني جو اعلان آهي، ماڻهن کي ڇهه مهينا ناحق قيد ڪرڻ آمريتي رويو آهي، جمهوريت جو قتل آهي. وسند ٿري چيو ته عوام دشمن ترميمن، آرڊيننسن، بلن ۽ ايس آئي ايف سي جهڙن عوام دشمن، ملڪ دشمن، قوم دشمن ادارن ذريعي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهن، هي منصوبا سنڌي قوم تي ڌارين حملاآورن جي ڪاهه آهن، هن مطالبو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي فوري طور ختم ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏنيون وڃن. ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ جي پائي وڃڻ واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن اهو ساڳيو حشر رهيو، ڊيلٽا کي پاڻي نه مليو ته سموري سنڌ سمنڊ ڳڙڪائي ويندو، هن چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهيل ڊيمن ۽ ڪئنالن سبب اڳ ۾ ئي سنڌ جا سوين ڳوٺ سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، مٿان وري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن، ڇهه نون ڪئنالن سميت ٻيا ڪيترائي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جي سازش پڻ ٿي رهي آهي. هن چيو ته هي ڊيمن ۽ ڪئنالن جا منصوبا سنڌي قوم جي نسل ڪشي جي سازش آهن. سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڊيم ماحولياتي تباهي ٿا آڻين، هن مطالبو ڪيو ته سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن، ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن جو ڪم روڪيو وڃي. سرڪاري سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ جي مذمت ڪندي هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي سنڌ سرڪار مچائي مواڙ ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جا وڏيرا ڌاڙيلن جي سرپرستي بند ڪن ته سنڌ ۾ امن ٿي ويندو پر پيپلز پارٽي سنڌ کي لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ جي حوالي ڪري سنڌ مٿان پنهنجي بادشاهت قائم رکڻ چاهي ٿي.  عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته وفاقي ادارن اڳ ۾ ئي هڪ صوبي جي بالادستي آهي، مٿان وري 27هين ترميم ڪري مظلوم قومن کي مڪمل طور غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررز ايڪٽ جهڙن ڪارن قانونن ذريعي اظهار جي آزادي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، هي پابندي برداشت نه ڪبي، مذڪوره ڪارا قانون آئين جي لتاڙ آهن.

ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته آئين ۾ ترميم ڪري صوبن جو حصو گهٽايو پيو وڃي. 27هين آئيني ترميم سنڌ جي وجود جي خلاف آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته حڪمرانن جي عوام دشمن، پورهيت دشمن، عورت دشمن منصوبن کي اسين برداشت نه ڪنداسين ۽ مزاحمت ڪنداسين. ايس آئي ايف سي ذريعي ملڪ جي 90 لک ايڪڙ زمين تي قبضا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر نور نبي راهوجو چيو ته سنڌي ماڻهن ون يونٽ خلاف به جدوجھد هلائي ۽ هاڻي نئين طرز واري وڻ يونٽ خلاف به جدوجهد ڪئي ويندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ هوت خان گاڏهي ڳالهائيندي چيو ته 26هين ترميم عدليه جي آزادي تي حملو آهي. 27هين ترميم به قومن جي خودمختياري تي وار آهي. اسين پنهنجي وسيلن تي ڪنهن به صورت ۾ قبضو برداشت نه ڪنداسين. ايس يو پي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اصغر قريشي چيو ته منرلز اينڊ مائينز جي بل آڻڻ سان سنڌ جو عوام سراپا احتجاج هوندو. هاڻ کان تياري ڪرڻ گهرجي ته مائينز اينڊ منرلس جو بل آڻڻ نه ڏيون. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو، سنڌ کي بچائڻ لاءِ گڏيل قومي جدوجهد جي ضرورت آهي. اشرف سمون چيو ته اسان کان پاڻي کسيو پيو وڃي، زمينون ڦريون پيون وڃن. اسرار چانگ چيو ته ڪمپنين جي مفادن جي تحفظ لاءِ نوان ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، منڇر جهڙن پاڻي جي قدرتي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو آهي، پاڻي تي ڌاڙن سبب اسان جا جر کارا ٿي ويا آهن. اديب ۽ دانشور جامي چانڊيي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي رهي، ڪوبه حقيقي نموني وفاقي آئيني ڍانچو موجود ناهي، هي رياست عوام لاءِ ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ نيولبرل آرڊر جي شروعات آهن، پاڪستان جا حڪمران ۽ قابض قوتون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ جمهوريت نه هجي، عوامي آزاديون نه هجن، سڄي ملڪ جي عوام، عوام دوست تنظيمن سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ترقي پسند مظلوم قومن ۽ طبقن جي تحريڪ ضروري آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته حڪمرانن 26هين ترميم عدالتن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران پاڻي بند ڪري انڊس ڊيلٽا تباھ ڪرڻ چاهن ٿا ڪيٽي بندر تعلقي جون 52 ديھون آباد ٿينديون هيون هاڻي پاڻي بند ٿيڻ ڪري 18 ديھون آباد ٿين ٿيون 34 ديھون مڪمل طور سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي ويو آهن مال جو چراھ گاھ کير ٿر ڇڇ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي ناهي.

 

27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف عوامي تحريڪ طرفان 24 سيپٽمبر 2025 تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل پڌرنامون.

پاڪستان ٺھڻ شرط موقعي پرست ۽ مفاد پرست سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي سهڪار سان ملڪي اسٽيبلشمينٽ اقتدار تي قابض ٿي پاڪستان کي آمريڪي سامراج، آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جھڙن سامراجي مالياتي ادارن وٽ گروي ڪري ڇڏيو. ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي زندگي ۽ موت جا فيصلا آمريڪا جهڙن سامراجي ملڪن ۽ آئي ايم ايف جھڙن سامراجي ادارن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جون پاليل تاتيل سياسي پارٽيون ۽ سياستدان ڪندا رهيا آهن.

سنڌ پاڪستان ۾ شموليت لاءِ 1940 جي قرارداد لاهور تحت رضامند ٿي هئي. سنڌ پاڪستان ۾ آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن طور شامل ٿي، پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر بدقسمتي سان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي جوڙيل سياسي پارٽين ۽ سياستدانن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي اصولن ۽ 1940 واري قرارداد لاهور جي روح جي خلاف ورزي ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪيو آهي. پاڪستان ۾ شامل وحدتن کان حق حڪمراني کسي ويئي آھي. پاڪستان ۾ اسيمبليون، پارليامينٽ ۽ قانونساز ادارا توڙي عدالتون بي اختيار ۽ رٻڙ اسٽيمپ بڻيل آھن. ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي اسٽيبلشمينٽ مڪمل قبضو ڪري ڪڏهن اگهاڙي فوجي مارشل لائن ته ڪڏهن جمھوريت جي نالي ۾ هائيبرڊ مارشل لا لڳائي ڪارن قانونن، آرڊينيسن ۽ ترميمن وسيلي اظهار جي آزاديءَ سميت عوام جا قانوني، آئيني، جمھوري ۽ انساني حق ختم ڪيا آھن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي هڪ خاص موقف پيش ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي اشرافيه، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جو ناجائز قبضو آهي. وفاقي ادارن ۾ صوبن جي برابري واري نمائندگي هجڻ بدران فقط هڪ صوبي جي خاص الخاص ماڻهن جي بالادستي آهي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڪوڙين ۽ بوگس چونڊن وسيلي پنھنجن خاص سرمائيدارن، وڏيرن، جاگيردارن، سردارن، خانن ۽ چوڌرين کي اليڪشن کٽرائي اقتدار ڏئي پنھنجي مرضي وارا  فيصلا  ڪرائي ٿي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي ڪندڙ ۽ عوام دشمن پارٽين وارو ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. پيڪا ايڪٽ، 26 ھين آئيني ترميم ۽ دھشتگردي کي ختم ڪرڻ جي نالي ۾ شڪ جي بنياد تي ڪنھن به ماڻھو کي بنا جواز گرفتار ڪري 6 مهينا ناحق قيد ۾ رکڻ جھڙا مارشل لا کان به بدتر ڪارا قانون آندا ويا آھن.

ننڍن صوبن جي زمينن، تيل، ڪوئلي، گيس ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ، صوبن جي صوبائي حيثيت ختم ڪري سمورا اختيار وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ، 27 ھين آئيني ترميم آڻي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ صوبن کان حق حڪمراني کسڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. اسين سمجهون ٿا ته ملڪي حڪمران ۽ اسٽيبلشمنٽ ملڪ کي ھڪ دفعو ٻيھر 1971ع واري صورتحال طرف ڌڪي رھيا آھن. سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ملڪ جي خالق سنڌ سان دشمني آھي ۽ اهو عمل آئين جي سنگين لتاڙ آھي. سنڌ اندر نوان صوبا ٺاھڻ جو رينگٽ ڪندڙ ملڪ جا سڄڻ نه پر ملڪ جا دشمن آھن. ھڪ طرف انتظامي طور سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رھي آھي ته ٻئي طرف دريائن جي قدرتي وهڪرن تي قبضن ۽ سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جو جواز ڄاڻائي ڪالاباغ ڊيم جي مئل گھوڙي ۾ ٻيھر ساهه وڌو پيو وڃي. اسين سمجهون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جو ٻيهر راڳ آلاپڻ مان واضح ٿئي ٿو ته وفاقي سرڪار ۽ پنجاب حڪومت پاڪستان کي ماحولياتي تباھي سميت معاشي بربادي طرف وٺي وڃي رھيا آھن. ڪوٽڙي بيراج کان ھيٺ انڊس ڊيلٽا تائين ساليانو پاڻي نه ڇڏڻ سبب ملڪ جي معشيت کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رھيو آھي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيا آهن، دنيا جو پنجون نمبر وڏو انڊس ڊيلٽا ختم ٿي رھيو آھي. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال ختم ڪرڻ بدران سنڌ جي پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙا هڻڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. سنڌ جو پاڻي چورائي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ سنڌي قوم جي گڏيل جدوجهد جي سگهاري آواز سبب ڪجهه وقت لاءِ انهن منصوبن کي روڪيو ويو آهي پر اڃا به ڇهن نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي تلوار سنڌ مٿان لٽڪيل آهي. اسين سمجهون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين ڪيترن ئي رهائشي ۽ دفاعي منصوبن وسيلي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جون زمينون ڦٻايون پيون وڃن. ملڪ دشمن قوتن جي اشارن تي ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نون صوبن جي مهم هلائي رهي آهي، پيپلز پارٽي به مجرماڻي ماٺ ڪري ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏئي رهي آهي.

هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سنڌ جا سياسي اڳواڻ، اديب، دانشور، شاعر، ليکڪ، صحافي، وڪيل گڏيل طور مطالبو ٿا ڪن ته

ملڪ جي آئين جا بنياد 1940 جي قرارداد تحت قائم ڪيا وڃن. 26 ھين آئيني ترميم وسيلي عدالتن کي اپاهج بڻايو ويو آھي. 26 ھين آئيني ترميم فوري واپس ورتي وڃي. 27 ھين آئيني ترميم وسيلي اعليٰ عدالتن کي مڪمل طور دفن ڪرڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن. 27 هين آئيني ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آڻي، صوبن جو مالي حصو گهٽائڻ، صوبن تي اضافي مالي بوج وجهڻ ۽ انتظامي طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. جيڪو 1973ع جي آئين خلاف آهي. اهو عمل مظلوم قومن جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته 27 ھين ترميم جھڙا مارشل لائي قدم کڻڻ بند ڪيا وڃن.

سنڌ ۾ نون صوبن جو رينگٽ، هزارين سالن کان قائم سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ وحدت خلاف سازش آھي. سنڌ جو عوام سنڌ جي ورھاڱي جي سازش  ڪڏھن به برداشت نه ڪندو. سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي.

اسپيشل انويشمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل سنڌ دشمن، عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن آهي.  ايس آئي ايف سي جو خاتمو ڪيو وڃي.

ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مظلوم قومن جي زمينن تي مختلف بهانن سان قبضو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندڙ منصوبن وسيلي ملڪ جي مظلوم قومن جون زمينون ڦٻايون پيون وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا فوري طور تي ختم ڪيا وڃن ۽ زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن.

سنڌو درياهه سنڌي عوام جو جياپو ۽ سنڌي قوم جي تھذيبي ۽ تاريخ جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياهه کي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي سڪايو پيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن سميت سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪئنال ملڪ جي خالق صوبي سنڌ جو پاڻي ڏنڊي جي زور تي زبردستي کسڻ جي سازش آھي. سنڌو درياھ تي ڊيم ۽ ڪئنال اڏڻ بند ڪيا وڃن.

پيڪا ايڪٽ اظھار جي آزادي جي آئيني حق جي خلاف ورزي، ضيائي ۽ ايوبي آمريت جي باقيات آھي. پيڪا ايڪٽ وارو ڪارو قانون ختم ڪري پاڪستان جي عوام کي اظھار جي آزادي جو آئيني حق ڏنو وڃي.

دھشتگردي جي خاتمي جي آڙ ۾ لڳ ڀڳ 6 مهينا حراست ۾ رکڻ لاءِ اينٽي ٽررزم ترميمي ايڪٽ آئين جي سنگين لتاڙ ۽انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن ڪاري قانون وسيلي ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام کي فيئر ٽرائل جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم ڪيو ويو آهي. اھو ڪارو قانون فوري ختم ڪيو وڃي ۽ جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪري سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

مائينز اينڊ منرلز بل اميڊمينٽ 2025ع سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جي معدني وسيلن تي ڌاڙو هڻي، وسيلا وفاقي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي سازش آهي، 18هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هي بل فوري واپس ورتو وڃي ۽ صوبن کي پنهنجن قدرتي وسيلن تي مڪمل اختيار ڏنا وڃن.

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، پيپلز پارٽي سرڪار جي نااهلي جو نتيجو آهي، هن منظم سازش تحت ملڪ تي قابض قوتن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کي جديد نيٽو جا هٿيار فراهم ڪري سنڌ ۾ خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، تعليم، زراعت  ۽ زندگي کي تباه ڪيو ويو آهي. رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ واري آئيني ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناهي پر اٽلو ڌاڙيل راڄ پالي رهيا آهن. حڪومت جواب ڏئي ته ڪچي جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا ڪيئن ٿيا آهن.؟.  ڌاڙِيل راڄ ختم ڪيو وڃي، انهن ۾ ملوث ادارن ۽ فردن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن.

هڪ سازش تحت سنڌ ۾ منشيات جي واپار کي وڌايو ويو آهي ته جيئن نوجوان نسل کي تباهه ڪيو وڃي. منشيات جي واپار ۾ سنڌ جا نام نهاد چونڊيل نمائندا ۽ پوليس ملوث آهي. پوليس ۽ حڪومت جي سرپرستيءَ کان سواءِ اهڙو واپار ناممڪن آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ منشيات جي وڪري کي روڪڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن، منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سنڌ جي ڪامورا شاهي ۾ ڪرپشن وبائي مرض بڻجي وئي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ۽ تعليمي بورڊن جهڙن اهم ادارن کي ته ڪرپشن جو مرڪز بڻايو ويو آهي. ڪرپشن ختم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي وڃي، ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن جو بنا فرق شفاف احتساب ڪيو وڃي ۽ عوام جي ڦريل دولت واپس آندي وڃي. ڪارونجهر، گورک هل سنڌ جا اثاثا آهن، انهن کي وڪڻڻ بدران اتي ڊولپمينٽ ڪرائي سياحت کي هٿي وٺرائي وڃي. ٻيلن جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏيڻ ماحول دشمن، انسان دشمن عمل آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ٻيلن جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏيڻ بدران هنگامي بنيادن تي ٻيلا بحال ڪيا وڃن

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني...

اسلام آباد (خصوصي رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ اڄ هڪ اهڙو لمحو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو پاڪستان جي آئيني تاريخ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});