ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جو مقابلو سيمي فائنل ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
تفصيل موجب، ڀارت ڪالهه بنگلاديش کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳھھ ٺاهي ورتي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اڄ جيڪا ٽيم کٽيندي اها فائنل ۾ پهچندي.
سريلنڪا جي ٽيم پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست کان پوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي. 26 سيپٽمبر تي ڀارت ۽ سريلنڪا جو مقابلو صرف هڪ رسمي ڳالهه هوندي.
ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ ڀارت موجوده ايشيا ڪپ ۾ هاڻي تائين ٻه ميچ کيڏيا آهن ۽ ٻنهي ۾ پاڪستان کي شڪست ملي هئي.
ايشيا ڪپ جو فائنل 28 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.

