ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اڄ شيڊول فائنل ميچ جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف هنڌن تي وڏيون اسڪرينون لڳايون وينديون.
دبئي ۾ کيڏجندڙ امڪاني سنسني خيز مقابلي کي سڌو سنئون ڏيکارڻ لاءِ پورٽ گرانڊ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي، ۽ سنڌ حڪومت جي اسپورٽس ۽ يوتھ ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان سنڌ يوتھ ڪلب گلستان جوهر ۾ شوقينن لاءِ وڏي اسڪرين تي ميچ ڏسڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي

