دبئي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ ڀارت پاڪستان طرفان ڏنل 147 رنسن جي هدف کي 2 بال اڳ حاصل ڪري ورتو. تلڪ ورما 69 رنسن سان ناقابل شڪست رهيو ۽ ميچ جو ڪامياب فنيشر ثابت ٿيو.
پاڪستان جي شروعات سٺي رهي، جتي صاحبزادہ فرحان 57 ۽ فخر زمان 46 رنسن سان نمايان رهيا، پر باقي بيٽنگ لائن صرف 62 رنسن جي اضافي تي ڦٽي وئي. ڪلديپ يادوو 4 وڪيٽون وٺي ڀارت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڀارت جي شروعاتي بيٽنگ ۾ 20 رنسن تي 3 وڪيٽون ڪري پيون، پر تلڪ ورما ۽ سنجو سيمسن 57 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. پوءِ دوبي 33 رنسن سان تلڪ جو ساٿ ڏنو. فهيم اشرف 3 وڪيٽون وٺي پاڪستان لاءِ بهتر بولنگ ڪئي، جڏهن ته حارث رؤف 50 رنسن ڏئي ويو بنا ڪنهن وڪيٽ جي.
ميچ دوران ٻنهي ٽيمون ٽاس کان پوءِ هٿ نه مليا، پر ڪمنٽيٽرز جي نئين انداز ۾ ڪپتانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان بنا تبديلي جي ميدان تي آيو، جڏهن ته ڀارت هاردڪ پانڊيا جي غير موجودگي سبب ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون.
ميچ جو نتيجو ڀارت جي بيٽنگ استحڪام ۽ تلڪ ورما جي شاندار اننگز تي ٻڌل رهيو، جنهن پاڪستان جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

