ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ٽٽڻ جو سلسلو جاري آهي، هينڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 63 هزار پوائنٽن جي حد به عبور ڪري ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي ئي ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. 900 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هينڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 63 هزار 236 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن، ڪاروباري وقت جي پڄاڻي تي، هينڊريڊ انڊيڪس 2976 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 62 هزار 257 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو هو.

