اترپرديش (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي رياست اترپرديش جي ضلعي جونپور ۾ 75 ورهين جو ڳوٺاڻو شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي لاڏاڻو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، پوڙھي گھوٽ سنگرو رام جي پهرين زال هڪ سال اڳ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، جنهن کان پوءِ هن 35 ورهين جي منبهاوتي سان عدالت ۾ شادي ڪئي ۽ مندر ۾ هڪ سادي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي.
منبهاوتي جي به اها ٻي شادي هئي، هن جي اڳين مڙس کان ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ آهي. سنگرو رام هن کي يقين ڏياريو هو ته شاديءَ کان پوءِ هو هن جي ٻارن جي سار سنڀال ڪندو.
ڪٽنب جي ماڻهن موجب، شاديءَ جي ٻئي ڏينھن صبح جو سنگرو جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ جڏهن اسپتال وٺي ويا ته ڊاڪٽرن هن کي مئل قرار ڏنو.
ٻئي پاسي، سنگرو جي لاڏاڻي تي سندس مائٽن شڪ ظاهر ڪندي پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

