ڪيرالا: ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هڪ نوجوان گھوٽ پنهنجي ڪنوار سان بارات کان ڪجھھ ڪلاڪ اڳ خوفناڪ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ سادي تقريب سان شادي ڪري ڇڏي.
رپورٽن موجب ڪنوار آواني پنهنجي گهر وارن سان ميڪ اپ لاءِ ڪمارا ڪوم ۾ بيـوٽي پارلر وڃي رهي هئي ته گاڏي تيز رفتاري سبب ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ آواني جي ريڙهه جي هڏي سخت زخمي ٿي وئي. کيس پهرين ڪوئيتام اسپتال ۽ پوءِ وي پي ايس ليڪشور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حادثي جي اطلاع ملندي ئي گھوٽ شيرون ۽ سندس گهر وارا اسپتال پهتا ۽ اتي ئي مذهبي رسمن سان شادي ڪئي وئي. گھوت منگل سوتر پائي ڪنوار کي پنهنجي زال بڻايو. شيرون ضد ڪئي ته شادي ملتوي نه ٿيندي ۽ طئي ٿيل وقت تي ئي ٿيندي.
ايـمرجنسي وارڊ ۾ ٿيل هن شادي ۾ ڊاڪٽر، نرسون ۽ خاندان جا ڪجهه فرد موجود هئا. تقريب جي وڊيو ڏسندڙ ۽ مهمان جذباتي ٿي ويا ۽ گھوٽ جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ڊاڪٽر سديش موجب ڪنوار کي ريڙهه جي هڏي ۾ سخت زخم آيو آهي، جنهن لاءِ آپريشن ڪيو ويندو.

