شڪارپور ۾ بدامني خلاف هيومن رائيٽس ڊفينڊرز نيٽ ورڪ جو هنگامي اجلاس، فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ پيش

Homeاهم خبرشڪارپور ۾ بدامني...

شڪارپور (رپورٽ: عديل علوي) شڪارپور ۾ اسڪول تي حملي، مدرسي ۾ معصوم ٻار سان زيادتي ۽ وڌندڙ بدامني جي خلاف هيومن رائيٽس ڊفينڊرز نيٽ ورڪ (HRDN) ضلعي شڪارپور پاران هڪ هنگامي اجلاس مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت نالي واري انساني حقن جي اڳواڻ اقبال ڏيٿو ڪئي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن اسڪول حملي جي ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل اختيارين جي خاموشي تي سخت حيرت جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ ٺاروپور پاڙي جي مدرسي ۾ معصوم ٻار سان جنسي زيادتي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي، جنهن تي شرڪت ڪندڙن سخت افسوس جو اظهار ڪيو. ان سان گڏ بيدل لائبريري مان شاگرد جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته HRDN پاران لائبريري جي سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو ڪيو ويندو. اجلاس دوران اهو به طئي ڪيو ويو ته جلد ئي ضلعي جيل جو دورو ڪيو ويندو، جتي قيدين جي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪري انهن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا.

اجلاس کي خطاب ڪندي اقبال ڏيٿو چيو ته، مون کي شڪارپوري هجڻ تي فخر آهي، ۽ شهر جي خدمت لاءِ مون کي ڪنهن سرڪاري عهدو جي ضرورت ناهي. مان اڳ به شھرين جي حقن لاءِ متحرڪ رهيو آهيان ۽ هاڻي به رهندس. HRDN جي ڪوآرڊينيٽر ۽ هيومن رائيٽس ڪميٽي جي فوڪل پرسن پرويز ابڙو خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور ۾ انساني حقن جي سرعام لتاڙ ٿي رهي آهي، جنهن خلاف اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

اجلاس ۾ نسيم بخاري، آصف شيخ، عديل علوي، ذوھيب شيخ، نوجباري، رحيم بخش ابڙو، بشير چوھاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

شڪارپور: پي ايس 9 ۾...

شڪارپور(رپورٽر) سنڌ جي حلقه پي ايس 9 شڪارپور ۾ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي، ووٽنگ جو عمل صبح 8...

شڪارپور: ڪچي جي 72 خطرناڪ...

شڪارپور: سنڌ جي ضلعي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي مان 72 خطرناڪ ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، جن ۾...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});