شڪارپور(رپورٽر) سنڌ جي حلقه پي ايس 9 شڪارپور ۾ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي، ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندو ۽ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن.
هي سيٽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. هن تڪ ۾ 8 اميدوار ميدان ۾ آهن، جن ۾ پيپلزپارٽي جو آغا شهباز خان دراني ۽ جمعيت علما اسلام پاڪستان جا مولانا راشد الله شاهه شامل آهن.
اختيارين موجب هن تڪ ۾ 2,77,792 رجسٽرڊ ووٽر موجود آهن، جن مان 1,48,310 مرد ۽ 1,29,482 عورتون آهن. 178 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، 49 مردن لاءِ، 49 عورتن لاءِ، ۽ 80 پولنگ بوٿ جن مان 54 انتهائي حساس ۽ 84 حساس قرار ڏنل آهن.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته چونڊ جو عمل آزاد، منصفاڻو ۽ پرامن طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ حفاظتي انتظامات يقيني بڻايا وڃن.

