ڪرپشن تي زيرو ٽالرنس، 100 سيڪڙو ميرٽ تي مقرريون ٿي رهيون آهن:  مريم نواز

Homeاهم خبرڪرپشن تي زيرو...

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف چيو آهي ته صوبي ۾ 100 سيڪڙو ميرٽ تي مقرريون ٿي رهيون آهن ۽ ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي.

مريم نواز سان نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۽ فيڪلٽي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعليٰ پنجاب وفد کي حڪومت جي تاريخي ۽ فلاحي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.

وفد سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حڪمرانن جا فيصلا عوام جي زندگي تي اثرانداز ٿين ٿا، سٺي حڪمراني جو بنيادي اصول احسان ۽ خدمت آهي. عوام جو پئسو صرف عوام تي خرچ ٿي رهيو آهي ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته وطن ڌرتي ماءُ جيان آهي، ان سان بي وفائي ناقابل برداشت آهي. پنجاب ۾ هاڻ سياسي مقرريون ۽ اقربا پروري ختم ٿي چڪي آهي.

وزيراعليٰ پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس کي آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ فلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت عسڪري قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مريم نواز وفد کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ٻوڏ دوران سڀ کان وڏو انخلا آپريشن مڪمل ڪيو ويو، ۽ متاثرن جي سڃاڻپ لاءِ ٿرمل اميجنگ ڊرونز ڪاميابي سان استعمال ڪيا ويا.

هن چيو ته پنجاب جي زراعت کي پهريون ڀيرو ميڪانائيزيشن جي طرف آندو پيو وڃي، ڪينسر جي مريضن لاءِ جديد ڪوئبليشن مشينن ذريعي علاج ممڪن بڻايو ويو آهي، جڏهن ته سموگ کان بچاءَ لاءِ 15 سموگ گنز درآمد ڪيون ويون آهن.

وفد ۾ پاڪستان آرمي، نيوي، ايئر فورس ۽ سول آفيسرن سميت 26 ملڪن جا 47 شرڪت ڪندڙ شامل هئا، جن ۾ آسٽريليا، برطانيا، چين، آمريڪا، سعودي عرب، ترڪي، يو اي اي، ايران، فلسطين ۽ ڏکڻ ڪوريا جا آفيسر به موجود هئا.

نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن پنجاب جي عوامي فلاحي منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پنجاب ۾ جاري منصوبا حيرت انگيز آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان ڪرپشن...

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان ڪرپشن ۾ گھڻي گهٽتائي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});