اورڪزئي ۾ پاڪ فوج جو آپريشن: 19 دهشتگرد مارجي ويا، 11 جوان شهيد

HomeFeatured Newsاورڪزئي ۾ پاڪ...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان ضلع اورڪزئي ۾ خفيه اطلاع تي ڪامياب آپريشن ڪندي ڀارتي سرپرستي هيٺ هلندڙ 19 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو، جڏهن ته فائرنگ دوران ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف، ميجر طيب راحت سميت 11 بهادر جوان وطن تي قربان ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، 7 ۽ 8 آڪٽوبر جي رات، سڪيورٽي فورسز طرفان اورڪزئي ضلعي ۾ خفيه اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جتي فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع هئي، جيڪي ڀارتي مدد سان سرگرم هئا.

آپريشن دوران پاڪ فوج جي بروقت ۽ مؤثر ڪارروائي سان 19 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف (عمر 39 سال) ۽ ميجر طيب راحت (عمر 33 سال)، ٻئي راولپنڊي جا رهواسي، دشمن سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.

شهادت ماڻيندڙن ۾ نائب صوبيدار اعظم گل (خيبر)، نائڪ عادل حسين (ڪرم)، نائڪ گل امير (ٽانڪ)، لانس نائڪ شير خان (مردان)، لانس نائڪ طالش فراز (مانسهره)، لانس نائڪ ارشاد حسين (ڪرم)، سپاهي طفيل خان (ملاکنڊ)، سپاهي عاقب علي (صوابي) ۽ سپاهي محمد زاهد (ٽانڪ) شامل آهن.

سڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي ته جيئن باقي بچيل دهشتگردن کي به انجام تائين پهچايو وڃي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ جوانن جون اهڙيون قربانيون قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير جا پيغام

وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي شهيدن جي قرباني تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي نڊر سپوتن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام ڪيا ويندا. حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به آپريشن جي ڪاميابي تي پاڪ فوج جي بهادري کي ساراهيندي، شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن زخمي جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

محسن نقوي چيو ته شهيدن پنهنجي قيمتي جانن جي قرباني ڏئي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي سازشن کي ناڪام بڻايو. انهن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن، ۽ قوم هميشه انهن جي مقروض رهندي.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته شهيدن پنهنجي رت سان وطن سان محبت ۽ وفاداري جي تاريخ رقم ڪئي، ۽ انهن جو هر قطرو دهشتگردي خلاف قومي عزم جو ترجمان آهي. قوم شهيدن جي بهادر خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڊي آءِ خان ۾ پاڪ...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ پاڪ فوج جي خفيه اطلاع تي ٻڌل آپريشن دوران...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});