راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ پاڪ فوج جي خفيه اطلاع تي ٻڌل آپريشن دوران ڀارتي سهولت يافته دهشتگرد تنظيم “فتنه الخوارج” سان لاڳاپيل 7 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، 8 آڪٽوبر 2025 تي سڪيورٽي فورسز درابن ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران پاڪ فوج جي جوانن جي بهادراڻي ڪارروائي سان دشمنن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ 30 ورهين جو ميجر سبطين حيدر، جيڪو ڪوئيٽه جو رهواسي هو، وطن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو.
مارجي ويل خوارجن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ آيا، جيڪي سيڪيورٽي ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بيگناهه شهرين خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا.
ترجمان پاڪ فوج موجب، علائقي مان باقي بچيل ڀارتي سهولت يافته خوارجن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ جوانن جون قربانيون ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
وزيراعظم طرفان شهيد ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت
وزيراعظم شهباز شريف فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي واکاڻ ڪئي، ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي شهيد ٿيڻ واري ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
وزيراعظم شهيد جي بلندين لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جا بهادر آفيسر ۽ جوان رات ڏينهن وطن جي حفاظت ۾ مصروف آهن، ۽ سڄي قوم کي انهن تي فخر آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

