پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊيره اسماعيل خان جي علائقي پنياله ۾ پوليس موبائل تي بم حملي جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب شهيدن ۾ اي ايس آءِ گل عالم، ڪانسٽيبل رفيق ۽ ڊرائيور سخي جان شامل آهن، جڏهن ته ڪانسٽيبل آزاد شاهه محفوظ رهيو.
اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ادارا ۽ پوليس شهيدن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ کان شواهد گڏ ڪيا پيا وڃن. ڌماڪي کان پوءِ ڊي ايس پي پنياله ۽ ايس ايچ او واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي ناڪابندي هيٺ آندو ويو.
ساڳئي وقت، ڏکڻ وزيرستان اپر ۾ به پوليس جي گاڏي تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ اهلڪار امام حسين زخمي ٿيو. پوليس جي بروقت جوابي ڪارروائي سان دهشتگرد فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي.
پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزيرداخلا محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي فتنۃ الخوارج جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته اي ايس آءِ گل عالم، ڪانسٽيبل رفيق ۽ سخي جان جي قربانيون هميشه ياد رکجن ٿيون، ۽ خيبرپختونخوا پوليس جي بهادري کي قدر جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو.

