ڊي آءِ خان: ڊي آءِ خان ۾ داناسر ۾ ڪار کڏ ۾ ڪري پئي 11 ماڻهو فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب، ڊي آءِ خان ۾ داناسر ۾ هڪ افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثو پيش آيو جتي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪار کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن اهي خانوزئي کان ڊي آءِ خان اچي رهيا هئا.
حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب، زخمين ۾ دريا خان، احمد ۽ 10 سالن جو يوسف شامل آهن. زخمين ۽ سڀني لاشن کي رسمي ڪارروائي کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور داناسر ۾ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، فوت ٿيندڙن جي ابدي سڪون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 کي متاثر خاندانن کي فوري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومت ڏک جي هن گھڙي ۾ خاندانن سان گڏ آهي.

