راولپنڊي – پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان طرفان خيبرپختونخوا جي نئين وزيراعليٰ جي نامزدگي ۽ علي امين گنڊاپور کي عهدي تان هٽائڻ جي تصديق ٿيڻ بعد، علي امين گنڊاپور پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
اڊياله جيل ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته علي امين گنڊاپور کي وزير اعليٰ جي عهدي تان هٽايو وڃي ۽ سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ مقرر ڪيو وڃي. ان فيصلي جي تصديق پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پڻ ڪئي.
علي امين گنڊاپور پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “وزير اعليٰ جو عهدو عمران خان جي امانت هو، ۽ مان سندس حڪم موجب استعيفيٰ ڏئي اها امانت واپس ڪري رهيو آهيان.”
پارٽي جي اندروني تبديلين جي پسمنظر ۾ هي قدم اهم سياسي تبديلي طور ڏٺو پيو وڃي، جتي سهيل آفريدي کي نئين قيادت طور سامهون آندو ويو آهي.

