پشاور – خیبرپختونخوا جي سياسي منظرنامي ۾ اهم تبديلي اچي وئي آهي، جتي موجوده وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي استعفيٰ گورنر هائوس کي باقاعده طور تي ملي وئي آهي. گورنر فيصل كريم ڪنڊي آئين ۽ قانون جي گهرجن موجب استعيفيٰ جي جانچ بعد سومر 13 آڪٽوبر تي آخري فيصلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ خیبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس 13 آڪٽوبر جي صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جتي نئين قائدِ ايوان جو چونڊ عمل مڪمل ڪيو ويندو. اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران نئون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو اڳ ۾ 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو ويو هو.
ٻئي طرف، پاڪستان تحريڪ انصاف نئين وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ جي وفد جميعت علماءِ اسلام جي قيادت سان ملاقات ڪري، سهيل آفريدي جي حمايت جي اپيل ڪئي آهي. سلمان اڪرم راجا، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل، پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته سهيل آفريدي نئين جذبن سان صوبو اڳتي وڌائيندو ۽ عمران خان جي هدايتن تحت نئين ڪابينا جوڙيندو، جنهن ۾ تسلسل سان گڏ نوان چهرا به شامل هوندا.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 130(8) تحت وزيراعليٰ جو استعيفو منظور ٿيل تصور ٿيندو آهي، ان لاءِ گورنر جي منظوري جي ضرورت ناهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب، وزيراعليٰ جو استعيفو قانوني طريقيڪار تحت وصول ڪيو ويو آهي ۽ ان جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.
سومر تي ٿيندڙ اجلاس نه رڳو نئين قيادت جي چونڊ جو موقعو هوندو، پر اهو صوبائي سياست ۾ نئين دور جي شروعات پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو، جتي شفافيت، آئيني عملداري ۽ عوامي خدمت کي اوليت ڏني ويندي.

