پشاور: پي ٽي آءِ جو سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو

HomeFeatured Newsپشاور: پي ٽي...

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار محمد سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ چونڊيو ويو. چونڊ دوران اپوزيشن ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته اسپيڪر بابر سليم علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ منظور ڪرڻ جي رولنگ ڏني.

وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي سهيل آفريدي، جي يو آءِ (ف) جي مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) جي سردار شاهجهان يوسف ۽ پيپلز پارٽي جي ارباب زرڪ اميدوار هئا. اجلاس جي صدارت اسپيڪر بابر سليم سواتي ڪئي.

اجلاس جي شروعات تي علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ چيئرمين جي تصوير کڻي نعريبازي جو جواب ڏنو. ان دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسيمبلي هال جو دروازو بند ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ۽ سيڪيورٽي عملي سان منهن ماري بعد اندر داخل ٿي ويا.

ڊاڪٽر امجد، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي، پنهنجي خطاب ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن سان ٿيل زيادتين جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن لاءِ دعا ڪئي.

اسپيڪر اعلان ڪيو ته علي امين گنڊاپور 8 آڪٽوبر تي استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، جنهن جي تصديق 11 آڪٽوبر تي گورنر به ڪئي. اسپيڪر موجب، استعيفيٰ آئيني طور منظور ٿيل آهي ۽ نئون وزيراعليٰ چونڊڻ سندس آئيني ذميواري آهي.

چونڊ عمل دوران پنج منٽ لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون ته جيئن غير حاضر ميمبرن جي حاضري يقيني بڻائي سگهجي. پي ٽي آءِ جا ميمبر لابي نمبر 1 ۾ گڏ ٿيا. ووٽنگ بعد ٻيهر گهنٽيون وڄايون ويون.

نتيجن موجب، سهيل آفريدي 90 ووٽ وٺي نئون قائدِ ايوان چونڊجي ويو، جڏهن ته اپوزيشن جي بائيڪاٽ سبب انهن جي اميدوارن کي ووٽ نه ملي سگهيا. پي ٽي آءِ جو ايم پي اي آصف محسود ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب ووٽ نه ڏئي سگهيو.

نومنتخب وزيراعليٰ کي ميمبرن مبارڪباد ڏني. اسپيڪر چيو ته سهيل آفريدي جو چونڊجڻ سڄي صوبي لاءِ اهم آهي، ۽ جيڪو ملڪ سان محبت ڪري، محنت ڪري، اهو ئي ڪامياب ٿيندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

خيبرپختونخواه ۾ نئون سياسي باب:...

پشاور – خیبرپختونخوا جي سياسي منظرنامي ۾ اهم تبديلي اچي وئي آهي، جتي موجوده وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});