سنجي دت جو نشي بابت پراڻو بيان ٻيهر وائرل، “مان پاڻ کي مرندو ڏسي رهيو هوس”

Homeخبرونسنجي دت جو...

ممبئي (شوبز ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سنجي دت جو نشي جي لت بابت ڏنل پراڻو بيان هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي جي ڏکين دور، نشي جي عادت، ۽ ان مان ڇوٽڪاري بابت تفصيل سان ڳالهه ڪئي آهي.

1994ع ۾ فلم “آتش” جي سيٽ تي رڪارڊ ڪيل وڊيو ۾ سنجي دت اعتراف ڪيو ته هو نشي جي اهڙي حد تائين پهچي ويو هو، جتي هو پاڻ کي مرندو ڏسي رهيو هو. هن چيو ته، “مان ماڻهن کان لڪجڻ کان تنگ اچي ويو هوس، تنهن ڪري مون پنهنجي گهر وارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو.”

رپورٽن موجب، سنجي دت 1980ع کان 1981ع جي وچ ۾ نشي جي لت ۾ مبتلا ٿيو، جڏهن سندس ماءُ، مشهور اداڪارا نرگس، نيويارڪ ۾ علاج هيٺ هئي. سنجي جي خواهش هئي ته سندس ماءُ سندس پهرين فلم “راڪي” ڏسي، پر فلم جي رليز کان ٽي ڏينهن اڳ نرگس جو انتقال ٿي ويو، جنهن هن کي سخت صدمو ڏنو.

سنجي دت ٻڌايو ته نشي مان ڇوٽڪاري لاءِ ورزش هن جي مدد ڪئي ۽ ان کي “زندگي بچائيندڙ” قرار ڏنو. فلم “آتش” ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارا تنوجا انڪشاف ڪيو ته شوٽنگ دوران سنجي جي جسماني حالت ايتري ڪمزور هئي جو کين هدايت ڏني وئي ته هو سنجي کي هٿ به نه لڳائين.

سنجي جي ڀيڻ، پريا دت، موجب، سنجي کي مڪمل صحتيابي حاصل ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سال لڳا. آمريڪا ۾ ڊگهي ريهيب جي عمل کان پوءِ هن ٻيهر پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي.

سوشل ميڊيا تي هن وڊيو جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ مداحن طرفان سنجي دت جي همت ۽ جدوجهد جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنجي دت جا 5 سالن...

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجَي دت 1993 جي المناڪ واقعن ۽ پنهنجي پنج سالن جي قيد بابت...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});