ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجَي دت 1993 جي المناڪ واقعن ۽ پنهنجي پنج سالن جي قيد بابت اهم ۽ حساس انڪشاف ڪيا آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ سنجَي دت ٻڌايو ته بابري مسجد واقعي کان پوءِ سندس خاندان کي سخت دٻاءُ ۽ ڌمڪين منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ان وقت مٿس هٿيار رکڻ جو الزام لڳايو ويو، پر ان جو ڪو به مضبوط ثبوت ڪڏهن پيش نه ٿيو.
اداڪار افسوس جو اظهار ڪندي چيو: اڄ به مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي جيل ڇو موڪليو ويو، جڏهن ته 25 سال بعد عدالت تسليم ڪيو ته منهنجو بم بلاسٽ ڪيس سان ڪو تعلق نه هو.
سنجَي دت وڌيڪ ٻڌايو ته جيل جو وقت سندس لاءِ ڏکيو پر سکيا وارو دور هو. هن چيو ته جيل ۾ رهندي هن قانون جون ڪتابون پڙهيون، دعا ڪئي ۽ پاڻ کي مضبوط رکيو. هن مشڪلاتن کي شڪست ڏيڻ بدران انهن کي زندگي جو سبق سمجهيو.
واضح رهي ته سنجَي دت هن وقت پنهنجي ايندڙ تڪراري فلم “دهورندھر” ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هو رنوير سنگھ سان گڏ نظر ايندو.

