مريدڪي ۾احتجاج دوران ڇڪتاڻ ، مڇريل وڳوڙي ڇڙوڙ، سعد رضوي سميت ڪيترائي اڳواڻ فرار: پوليس

HomeFeatured Newsمريدڪي ۾احتجاج دوران...

مريدڪي (ويب ڊيسڪ)مريدڪي ۾ هڪ سياسي ۽ مذهبي جماعت جي پرتشدد احتجاج دوران پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي کان پوءِ پوليس جو تفصيلي موقف سامهون اچي ويو آهي. پوليس موجب مڇريل مظاھرين کي ڇڙوڙ ڪيو ويو آهي ۽ صورتحال تي مڪمل طور تي ضابطو حاصل ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن مطابق هي واقعو 12 ۽ 13 آڪٽوبر جي وچ واري رات پيش آيو، جڏهن احتجاج ڪندڙن انتهائي پرتشدد رويو اختيار ڪيو. انتظاميا ابتدائي طور ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مظاهرين کي گهٽ متاثر ٿيندڙ هنڌ منتقل ٿيڻ جي هدايت ڏني، پر احتجاجي قيادت ماڻهن کي ڀڙڪائيندي رهي.

مڇريل مظاهرين پوليس تي پٿراءُ، ڪيلن وارن ڏنڊن ۽ پيٽرول بم سان حملا ڪيا. ڪجهه اهلڪارن کان هٿيار به ڦريا ويا، جن مان فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب هڪ آفيسر شهيد ۽ 48 اهلڪار زخمي ٿيا. پوسٽ مارٽم رپورٽ مان تصديق ٿي آهي ته شهيد آفيسر کي ڦريل سرڪاري هٿيار سان گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين جي حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 40 سرڪاري ۽ نجي گاڏيون ساڙيون ويون، ڪيترائي دڪان به سڙي ويا، جڏهن ته 17 ماڻهو گولين لڳڻ سبب زخمي ٿيا. تصادم دوران ٽي ٽي ايل پي ڪارڪن ۽ هڪ راھگير فوت ٿي ويا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 30 عام شهري زخمي ٿيا، جن کي ويجهن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب وڳوڙين يونيورسٽي بس سميت ڪيترين ئي گاڏين کي اغوا ڪري احتجاج ۾ استعمال ڪيو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق ڪجهه گاڏيون ماڻهن کي لتاڙڻ لاءِ به هلائيون ويون. ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس تي منظم انداز ۾ پٿراءُ، پيٽرول بم ۽ ڪيلن وارن ڏنڊن سان حملا ڪيا ويا، جڏهن ته بي ترتيب فائرنگ به رڪارڊ ڪئي وئي.

پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سعد رضوي سميت ڪجهه اڳواڻ موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب فرارين جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته هي پرامن احتجاج نه، پر منظم تشدد جي ڪارروائي هئي، جنهن ۾ قيادت عوام ۽ رياست ٻنهي کي خطري ۾ وڌو.

پوليس ترجمان وڌيڪ چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي ۽ اهڙن عنصرن کي قانون مطابق سخت جواب ڏنو ويندو. هٿيار ڦرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي ساڙڻ ۽ عوام تي حملو ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ احتجاج نه، پر ڏوهه آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پوليس ٽي ايل پي سربراهه...

لاهور(ويب ڊيسڪ) مريدڪي ۾ پرتشدد احتجاج کان پوءِ روپوش ٿيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه حافظ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});