پيپلز پارٽي جو هڪ بااعتماد ساٿي وڇڙي ويو، آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي سنڌ جي سياسي حلقن ۾ سوڳ

HomeFeatured Newsپيپلز پارٽي جو...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني 72 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو گذريل هڪ مهيني کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي برين هيمبرج کانپوءِ سندس طبيعت مسلسل خراب رهندي آچر ڏينهن ڊاڪٽرن سندس وفات جي تصديق ڪئي.

آغا سراج دراني جو شمار پيپلز پارٽي جي انهن اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، جن نه صرف پارٽي سان وفاداري نڀائي پر سنڌ جي سياسي، آئيني ۽ پارلياماني نظام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هو 5 آڪٽوبر 1953 تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.

سياسي سفر

آغا سراج دراني 1988 ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. هن پنهنجي سياسي سفر دوران ٽي ڀيرا صوبائي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون، جڏهن ته ٻن ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ رهيو. هو 31 مئي 2013 کان 25 مئي 2024 تائين اسپيڪر جي عهدي تي فائز رهيو. مارچ 2022 کان آڪٽوبر 2022 تائين قائم مقام گورنر سنڌ جي حيثيت سان پڻ ذميواريون نڀايون.

سندس سياسي وابستگي چار ڏهاڪن کان وڌيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي سان رهي. هو شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو بااعتماد ساٿي سمجهيو ويندو هو. آغا سراج دراني هميشه عوامي خدمت کي پنهنجي سياست جو محور بڻايو.

سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو ردعمل

صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ۽ سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي شخصيتن آغا سراج دراني جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو مخلص، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو، جنهن سنڌ اسيمبلي جي مضبوطي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. “مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، رب ڪائنات کيس بلند درجات عطا فرمائي”، وزيراعليٰ دعا ڪئي.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آغا سراج دراني جي سياسي بصيرت، انتظامي صلاحيت ۽ پارلياماني تجربو پارٽي لاءِ هڪ قيمتي اثاثو هو. “سندس وفات سان نه صرف پيپلز پارٽي پر سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو مدت تائين پُر نه ٿي سگهندو”، هن افسوس جو اظهار ڪيو.

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پڻ آغا سراج دراني جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي جمهوريت خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. “آغا سراج دراني جهڙا بااصول سياستدان گهٽ پيدا ٿيندا آهن”، هن چيو.

تعزيت ۽ دعائون

مرحوم آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي سياسي، سماجي ۽ عوامي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. سندس عوامي خدمت، جمهوريت جي واڌاري ۽ اصولن سان وابستگي کي هميشه ياد رکيو ويندو. سياسي اڳواڻن پاران سندس وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون ڪيون ويون.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر...

شڪارپور (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج خان دراني جي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});