لاهور: پنجاب حڪومت رياستي رٽ ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ غيرمعمولي ۽ تاريخي فيصلا ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت کي هڪ انتهاپسند مذهبي جماعت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته پنجاب ۾ نفرت، اشتعال انگيزي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو. پوليس آفيسرن جي شهادت ۽ سرڪاري ملڪيتن جي تباهيءَ ۾ ملوث اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا.
انتهاپسند جماعت جي قيادت کي انسداد دهشتگردي ايڪٽ جي فورتھ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته جماعت جون سڀئي ملڪيتون ۽ اثاثا محڪمه اوقاف حوالي ڪيا ويندا. جماعت جي پوسٽرن، بينرن ۽ اشتهارن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جا نفرت ڦهلائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا ويندا ۽ انهن جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا. لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت ترين ڪارروائي ڪئي ويندي.
پنجاب حڪومت احتجاج دوران گرفتار ٿيل ڪارڪنن جي ڪيسن جي مؤثر پيروي لاءِ ٻه سينيئر وڪيل رانا شڪيل احمد خان ۽ چوڌري خالد رشيد کي اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري پراسيڪيوشن پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٻئي پراسيڪيوٽر دهشتگردي جي عدالت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪندا.

