ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته پنجاب حڪومت پيپلزپارٽي جي آڙ وٺي وزيراعظم تي تنقيد ڪري رهي آهي. هن الزام لڳايو ته اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان لڳي ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت جي حمايت نه ڪري.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پنجاب حڪومت طرفان سنڌ حڪومت خلاف هڪ طرفو مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته موجوده وقت ۾ سيلاب متاثرين جي مدد لاءِ سڄي پاڪستان کي اڳيان اچڻ گهرجي.
شرجيل ميمن ٻڌايو ته پيپلزپارٽي سيلاب متاثرين لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪيون آهن، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ سيلاب متاثر علائقن جا دورا ڪيا. هن چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم ۽ وفاق کان سيلاب متاثرين جي مدد لاءِ اپيل ڪئي، ۽ عالمي ادارن کان مدد وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
صوبائي وزير موجب، بي آءِ ايس پي ذريعي وزيراعظم رمضان پيڪيج ڏنو، جنهن لاءِ بي آءِ ايس پي جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويو. سنڌ حڪومت 21 لک گهرن جي تعمير جو اعلان ڪيو، ۽ هر ضلعي ۾ گهر تعمير ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.
شرجيل ميمن چيو ته پنجاب حڪومت جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، ۽ ان جو اصل نشانو وفاقي حڪومت آهي. هن الزام لڳايو ته پنجاب حڪومت وفاق خلاف سازش ڪري رهي آهي، ۽ پيپلزپارٽي ان سازش کي ناڪام بڻائيندي.
هن چيو ته وزيراعظم جڏهن سنڌ اچن ٿا ته کين مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ وزيراعظم کي اهو احترام نه ٿو ملي.
شرجيل ميمن چيو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت جي وزيراعظم سان ڪا سياسي تڪرار آهي ته ان ۾ پيپلزپارٽي کي شامل نه ڪيو وڃي.
هن ٻڌايو ته هڪ شخص سنڌ خلاف متنازعه ريمارڪس ڏنا، جن جي حمايت پنجاب حڪومت جي اعليٰ شخصيتن ڪئي.
شرجيل ميمن چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب جي سيلاب متاثرين سان گڏ بيٺي آهي، ۽ نفرت، لسانيت جي سياست جي مذمت ڪري ٿي.
هن چيو ته سياست خدمت لاءِ هجي، نه ته تصويرن ۽ ٽڪ ٽاڪ لاءِ.
صوبائي وزير چيو ته عالمي برادري کان مدد جي اپيل اڄ ئي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهڙي آفت سان ڪو به اڪيلو نٿو نپٽجي سگهي.
شرجيل ميمن چيو ته خواجه آصف جي بيانن مان به واضح آهي ته پنجاب ۾ انتظامي غلطيون ٿيون آهن.
هن چيو ته پيپلزپارٽي نه ته ڌمڪين کان ڊڄي ٿي، نه ئي سازشن کان، ۽ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي.
صوبائي وزير پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو ته عوام جو رجحان ظاهر ٿيڻ گهرجي.
شرجيل ميمن چيو ته صحت جي سهولتن ۾ سنڌ اڳڀرو آهي، ۽ ٿرڪول پروجيڪٽ ذريعي سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته آئي ايم ايف کي شڪايت ڪرڻ وارو بيان سفاک ڪوڙ آهي، ڇو ته آئي ايم ايف هميشه وفاق سان رابطو ڪري ٿو.
شرجيل ميمن چيو ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي دل سان عزت ڪري ٿو، ۽ نفرت انگيز بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

