ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ نئين سال جي شروعات تي ڪراچي جي رهواسين لاءِ خوشخبري ٻڌائي آهي. اورنج لائين کي گرين لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪندي هن چيو ته ايڌي اورنج لائين جو 4 ڪلوميٽر ٽريڪ هاڻي گرين لائين سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن سان اورنگي جي رهواسين کي نمائش ۽ ناگن چورنگي تائين سفر ۾ آساني ٿيندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته مسافرن جي شڪايت هئي ته اورنج لائين کان پوءِ ڏکيائي ٿيندي هئي، تنهنڪري ٻنهي بي آر ٽي لائينن کي ضم ڪيو ويو آهي. هاڻي مسافرن کي الڳ الڳ ڀاڙو ادا نه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته گرين لائين جو انتظام سنڌ حڪومت کي ملڻ کان پوءِ روزانو رائيڊرشپ 55 هزار کان وڌي 75 هزار ٿي وئي آهي، جڏهن ته هدف آهي ته روزانو هڪ لک مسافر گرين ۽ اورنج لائين بي آر ٽي ۾ سفر ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پهريون ڀيرو عورتن لاءِ الڳ بي آر ٽي سروس شروع ڪئي وئي آهي.
سينيئر وزير اعلان ڪيو ته نئين سال جي شروعات تي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائيون وينديون، جڏهن ته نيون اي وي بسون به پهچي چڪيون آهن. حيدرآباد ۾ پيپلز بس روٽس جو اضافو ڪيو ويندو، جڏهن ته خيرپور، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته ريڊ لائين بي آر ٽي ۾ رائيٽ آف وي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته وزيراعظم 150 بسن جو اعلان ڪيو هو، اميد آهي ته اهو واعدو پورو ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ملير کان شاهراهه فيصل تائين ڊبل ڊيڪر بسون تجربي طور هلنديون ۽ وڌيڪ بسون به ڪراچي لاءِ آنديون وينديون، جنهن سان ٽريفڪ جا مسئلا گهٽ ٿيندا.
سينيئر وزير سماجي روين بابت به ڳالهايو ۽ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏٺو ويو ته هڪ شخص کي ماريو ويو، جيڪو عدم برداشت جو رويو آهي. هن چيو ته دليل ڪمزور هجي ته تشدد جي راهه اختيار ڪئي ويندي آهي، پر ماڻهن کي زدوڪوب ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. ذاتي تڪرارن کي قبائلي جهيڙن جو نالو ڏيڻ به غلط آهي ۽ قانون اهڙن واقعن تي ڪارروائي ڪندو.

