پ پ مان صوبائي تعصب جي بوءِ پئي اچي، ڪورونا خلاف جنگ ۾ سنڌ ڪارڊ نه هلندو: شاهه محمود قريشي

Homeاهم خبرپ پ مان...

اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ سنڌ يا صوبائي ڪارڊ نه هلندو.

قومي اسيمبلي اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي معاملي تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر طرفان ميمبرن کي هڪ – هڪ سيٽ جو فيصلو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ان موقعي تي تقرير ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا ڪورونا وائرس سبب پريشاني ۾ ورتل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف سياسي جماعتن مشاورتي ويهڪ ڪئي ۽ سموريون سياسي جماعتون ان نتيجي تي پهتيون ته پارليامينٽ جو اجلاس گهرايو وڃي، اپوزيشن جي مطالبي تي مشاورت لاءِ اجلاس ٿيو، مشاورت ۽ تجويزن کانپوءِ گڏيک حڪمت عملي جوڙي ويندي.

هن چيو ماهر متفق آهن ته ڪورونا جي ويڪسين اچڻ تائين مختلف طريقن سان پکيڙ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ٻي عظيم جنگ کانپوءِ دنيا ايڏو وڏو بحران نه ڏٺو، خيال آهي ته ويڪسين 18 مهينن کان ٻن سالن تائين ايندي.

سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم کانپوءِ صحت جو شعبو صوبن کي منتقل ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ گذريل 12 سالن کان پ پ جي حڪومت آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ گذريل 10 سال ن ليگ جي حڪومت رهي، اسان کي جيڪي خدشا هئا، جيڪڏهن اهي درست ثابت ٿين ها ته سسٽم هيل تائين تباهه ٿي چڪو هجي ها پر الله جو ڪرم آهي ته اسان جو صحت جو نطام ناڪام نه ٿيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل راءِ ذريعي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڏو ردعمل ڏنو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جوڙيو ويو ۽ سڀني کي ان ۾ نمائندگي ڏني وئي، 18هين ترميم کي ڄاڻيندي صحت جي معاملي تي صوبن لاءِ لچڪ جو مظاهرو ڪيو ويو.

هن چيو هڪ تاثر اڀريو ته سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي، اهو تاثر بلڪل غلط آهي، سنڌ حڪومت کي آبادي جي لحاظ سان سڀ کان وڌيڪ حفاظتي سامان ڏنو ويو.

سندس موجب لاڪ ڊائون نرم نه ڪيون ها ته 2 کان 7 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا وڃن ها، جيڪڏهن سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ جانيون وڌيڪ ضايع ٿيون ته نظرثاني جو اختيار رکون ٿا، سمورين صوبائي حڪومت سان مشاورت ڪري لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو عمل شروع ڪيو ويو، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ خواهش آهي ته زندگيون به بچن، معيشت کي به نقصان نه ٿئي. پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نيڪ نيتي باوجود سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو فائدو نه ٿيو، اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو چيو ته ٽوڪ ڪئي وئي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ڇا آهي؟ جنهن پ پ مان وفاق جي خوشبو ايندي هئي، اڄ صوبائي تعصب جي بوءِ اچي رهي آهي، ڪورونا خلاف جنگ ۾ سنڌ ڪارڊ يا صوبائي ڪارڊ نه هلندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽...

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪلب چوک جي او آر گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});