لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪلب چوک جي او آر گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، عمر سرفراز چيمه ۽ ميان محمود الرشيد کي ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي۔
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ فيصلو ٻڌايو، جيڪو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو ويو هو۔ عدالت طرفان مجموعي طور 13 ملزمن کي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته 9 جوابدارن کي بري ڪيو ويو، جن ۾ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به شامل آهي۔
عدالت طرفان چار جوابدارن کي، جيڪي اڳ ئي اشتہاري قرار ڏنل هئا، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو۔ انهن ۾ فاروق انجم، حبيب احمد، ارسلان ۽ اڪبر خان شامل آهن۔
ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جا 56 گواهن پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا۔ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 25 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو ۽ انهن جو چالان عدالت آڏو پيش ڪيو ويو۔
ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدارن ڪلب چوک جي او آر گيٽ تي سيڪيورٽي ڪيمرا ۽ شيشا ٽوڙيا، پوليس جي وائرليس کي نقصان پهچايو ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪيو۔ الزام آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي ڪارڪنن کي 9 مئي جي بغاوت ۽ فسادن لاءِ اُڪسايو۔

