اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن مان بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
هي فيصلو اپوزيشن اتحاد جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن جي صدارت محمود خان اچڪزئي ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، سينيٽر علي ظفر، نامزد اپوزيشن ليڊر سينيٽ علامه راجا ناصر عباس جعفري سميت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران 27هين آئيني ترميم تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. ذريعن موجب، پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر احتجاجي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، جنهن تحت پي ٽي آءِ طرفان اجلاس مان بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو.
پارلياماني حلقن ۾ هن فيصلي کي اهم سياسي قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي ماحول تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

