ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، جتي پي ٽي آءِ جي جلسي کان اڳ حالتون اوچتو ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويون. پوليس جي وڏي نفري باغ جناح ۾ داخل ٿي، ڪارڪنن کي زبردستي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪيترن کي حراست ۾ ورتو.
ٻئي طرف سپر هاءِ وي جي اوچتي بندش سبب شهر مفلوج ٿي ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي به حيدرآباد کان ڪراچي ايندي ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيو. ترجمان پي ٽي آءِ موجب سهيل آفريدي رات جو ڪنهن به وقت باغ جناح گرائونڊ پهچي جلسي جي انتظامن جو جائزو وٺندو.
پوليس نمائش چورنگي کان مزارِ قائد ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سپر هاءِ وي تي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي ويجهو ٻنهي طرفن جا ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، جنهن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ اچ وڃ معطل ٿي وئي.
پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظهر چيو ته پوليس باغ جناح تي ڌاڙو هڻي ڪارڪنن کي منتشر ڪيو، ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ جلسي جو سامان به اڇلائي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعليٰ جلد جلسي گاهه پهچندو ۽ اڄ هر صورت ۾ جلسو ڪيو ويندو. راجا اظهر سنڌ حڪومت جي پاليسين کي “دوغلا” قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي.

