اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 27هين آئيني ترميم خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي واقعن کان غافل آهي ۽ مخالفن خلاف ڪيس ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.
اسد قيصر اسلام آباد ڪچهري جي ٻاهران ٿيل خودڪش حملو جي مذمت ڪندي چيو ته شهيدن ۽ زخمين لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ٿيڻ گهرجي، ۽ حڪومت کي وڪيلن ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ مؤثر لائحه عمل تيار ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم سان عدالتي نظام کي مفلوج ڪيو ويو آهي، ان خلاف جمعي تي آئيني ۽ قانوني احتجاج ڪيو ويندو، جنهن ۾ عوام کي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي.
اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، جيڪا فوري طور بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلزپارٽي کان وڏي اميد هئي ته هو ڀٽو جي آئيني اصولن لاءِ عوام سان گڏ بيهندي، پر سمجھوتو ڪري ويئي. نوازشريف جي “وٽ کي عزت ڏيو” واري نعري تي به تنقيد ڪندي چيو ته هو به اصولن تي سوديبازي ڪري ويٺو.
پي ٽي آءِ جي موقف مطابق، 27هين ترميم عدالتي آزادي، جمهوري اصولن ۽ عوامي حقن لاءِ خطرو آهي، جنهن خلاف پارلياماني ۽ عوامي سطح تي احتجاج جاري رهندو.

