لندن: ميٽروپوليٽن پوليس جي رپورٽ موجب، 2024 دوران لندن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ موبائل فون چوري ۽ ڦريا ويا، جن جي ماليت اربين رپين تائين پهچي ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي وارداتون هاڻ صرف گهٽيءَ جي سطح تي نه رهيون، پر بين الاقوامي منظم نيٽورڪ جي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن.
تحقيقات دوران پوليس شمالي لندن ۾ ڇاپن جي هڪ مهم هلائي، جنهن ۾ 2 هزار چوري ٿيل فون ۽ 2 لک پائونڊ (تقريباً 7 ڪروڙ 49 لک رپيا) نقدي هٿ ڪئي وئي. اهي ڪارروايون انهن دڪاندارن ۽ وچولي خريدارن خلاف ڪيون ويون، جيڪي فونز کي هانگ ڪانگ، چين ۽ الجزائر جهڙين منڊين ڏانهن موڪليندڙ نيٽورڪ جو حصو هئا.
نيٽورڪ جو انڪشاف تڏهن ٿيو، جڏهن هڪ عورت پنهنجي آئي فون جي لوڪيشن ايپ ذريعي هيٿرو ايئرپورٽ ڀرسان هڪ گودام تائين پهتي، جتان پوليس هڪ هزار چوري ٿيل آئي فونز هٿ ڪيا، جيڪي هانگ ڪانگ روانگي لاءِ تيار هئا.
سينيئر ڊيٽيڪٽو مارڪ گوئن موجب، هي جرم انفرادي چورن جو نه، پر صنعتي سطح تي منظم ڪاروبار آهي. چوري ٿيل فونز غير ملڪي منڊين ۾ 5 هزار ڊالر تائين وڪامي سگهن ٿا.
پوليس مطابق، هي نيٽورڪ ٽن سطحن تي مشتمل آهي:
- نچلي سطح: اي-بائيڪ تي سوار نقاب پوش چور، جيڪي فون ڦرين ٿا
- وچولي سطح: دڪاندار ۽ خريدار، جيڪي فون خريد ڪري اڳتي وڪرو ڪن ٿا
- اعليٰ سطح: ايڪسپورٽرز، جيڪي فونز کي غير ملڪي منڊين ڏانهن موڪلين ٿا
اعداد و شمار مطابق، 2023 ۾ 64 هزار فون چوري ٿيا، جڏهن ته 2024 ۾ هي انگ 80 هزار تائين پهتو. مارچ 2024 کان فيبروري 2025 تائين هڪ لک کان وڌيڪ فون چوري جا ڪيس رپورٽ ٿيا، پر صرف 495 ماڻهن تي فردِ جرم لاڳو ٿي، يعني هر 200 ڪيسن مان رڳو هڪ ۾ ڪارروائي ٿي.
پوليس جي مطابق، هي جرم انتهائي منافعي بخش ۽ گهٽ خطري وارو آهي، جتي هڪ چور هڪ فون مان اوسطاً 300 پائونڊز ڪمائي ٿو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.
ڪيمبرج يونيورسٽي جي پروفيسر لارنس شرمين چوي ٿو: “جڏهن هڪ فون جي قيمت هزار پائونڊ هجي، ته ان کي سڙڪ تي هٿ ۾ کڻي هلڻ اهڙو آهي ڄڻ جيب مان هزار پائونڊ ڪڍي هوا ۾ لوڏڻ.”

