اسلام آباد: تازين سرحدي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي ٽارگيٽڊ آپريشن کانپوءِ افغان طالبان ۽ ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي جعلي اي آئي وڊيوز ذريعي زهر آلود پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته طالبان هڪ پاڪستاني ٽينڪ تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته فئڪٽ چيڪنگ گروپ “گروڪ” ان دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي واضح ڪيو ته اهو روسي ساخت جو ٽينڪ آهي، جيڪو اڳ ئي طالبان جي قبضي ۾ هو.
ذبيح الله مجاهد طرفان “ايڪس” اڪائونٽ تي دوستي گيٽ جي تباهي بابت بيان جاري ڪيو ويو، جنهن کي ڀارتي ميڊيا پاڪستاني پاسي جو واقعو ظاهر ڪري پروپيگنڊا ڪئي. سڪيورٽي ذريعن مطابق، دوستي گيٽ کي افغان پاسي تي طالبان طرفان آئي اي ڊي لڳائي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني پاسي جو گيٽ مڪمل حالت ۾ موجود آهي.
ان کان علاوه، ڀارتي ۽ افغان ميڊيا طرفان ڪابل ۾ ٿيل بم ڌماڪي کي آئل ٽينڪر جي ڌماڪي سان منسوب ڪيو ويو، جڏهن ته سڪيورٽي ذريعن مطابق، اهو ڌماڪو پاڪ فوج جي “پريسيجن اسٽرايڪس” جو نتيجو هو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا پنهنجي مذموم ارادن جي تڪميل لاءِ جعلي ۽ AI تي ٻڌل وڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف آهي. ان سلسلي ۾، شمالي وزيرستان جي شهري عادل داوڙ کي شهيد فوجي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته عادل داوڙ پاڻ وڊيو پيغام ذريعي انهن سڀني دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.

